پرديسي پکي ۽ پرڏيهي شڪاري..!

0
290
پرديسي پکي ۽ پرڏيهي شڪاري..!

يورپ ۽ روس جي ملڪن کان ايندڙ هو اجنبي پکي سامونڊي دريائي ۽ صحرائي لنگهه لتاڙيندا قراقم وارين آڪاش کي ڇهندڙ چوٽين سان ڳالهيون ڪندا ڪوھه ڪاف جي حسين ماٿرين سان ملندا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏانهن اڏامندڙ پرديسي پکي پنهنجي زندگي کي بچائڻ جا جتن ڪندا ڪندا هتي پهچڻ سان ظالم شڪارين جي گولين جو بَک بڻجيو وڃن .
اهي پکي جيڪي حساس به آهن چالاڪ به آهن بهادر به آهن ناياب ڊڄڻا ۽ ٽاھڙ به آهن، انهن پکين ۾ هنجهه ، آڙيون ڪائنره چيڪلا، تلور، ۽ ڪونجن جهڙا پکي به آهن جنهن مان هڪڙي ڌار ٿيڻ سان ولر ويران ٿيو وڃي جيڪا وفا ۽ ٻڌيءَ جي علامت آهي .
انهن پکين جي هجرت Migration زميني ، ماحولياتي ۽ جاگرافيائي حالتن جي پسمنظر بنسبت ٿيندي آهي، تلور سميت ڪجهه ٻين مختلف پکين جي آمد سيپٽمبر کان فيبروري تائين ٿيندي رهي ٿي اسان وٽ انهن پکين جون اڪثر آماجگاهون ڍنڍون ڍورا، درياءُ جا ڪنارا، سامونڊي ڪپ، نديون نارا، ٻيٽ ۽ رڻ جون ڪنڌيون هوندا آهن جتي هو پنهنجي جياپي جو ذريعو سمجهي اچي ٿڪ ڀڃندا آهن.
هڪڙي Research موجب انهن پرديسي پکين جو گس 1. يورپي ڳاڙهو سمنڊ رومي سمنڊ 2. سائبريا جو اولاهون سمنڊ ( ڪئپسين درياءَ جو پاسو ) نيل ندي 3. الاسڪا ، ڪيليفورينيا 4. چين ، جاپان ، منچوريا 5. سائبريا تبت 6. قازقستان ، پاڪستان ، هندستان ، هندي سمنڊ جو رستو .7 اتريون بحر شمالي ، اسڪينڊي ، نيويا وغيره رهيو آهي.
اسان جي سماج ۾ نباتاتي ماحول لاءِ نقصانڪار نه رڳو حڪومت آهي جنهن جي خارجه پاليسي ٻاهرين شڪارين کي اجازت ناما ڏئي پرديسي پکين جو شڪار هٿ سان ڪرائي ٿي پر هتي جا مقامي وڏيرا، سردار به ان ۾ برابر جا شريڪ آهن جيڪي پنهنجي خصيص مفادن خاطر انهن عربي ، قطري شهزادن کي هر سهولت مهيا ڪري ڏيڻ ۽ فطرت جي قتلام ۾ هر ممڪن مدد ڪندا رهن ٿا. جنهن جي خلاف ڪو بغاوت ڪري ٿو ته ان تي وحشياڻو تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو جنهن جو تازو مثال ڌاٻيجي جو نوجوان شهيد ناظم جوکيو آهي.
شهيد ناظم جوکيي کي سنڌ جي ماڻهن شهيد ماحوليات ۽ فطرت جو محافظ قرار ڏنو آهي. سندس شهادت بيشڪ سنڌ جي تاريخ جو اڻوسرندڙ باب بڻجي وئي آهي، ظالمن اڳيان آڻ نه مڃڻ ۽ منهن مقابل ٿي پنهنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيندڙ هن نوجوان جي دليري ، بهادري ۽ عظمت جو چٽو مثال آهي. سندس قرباني سنڌ جي شعور لاءِ هڪ مشعل راھه آهي ته ظالم اڳيان ڪڏهن به جهڪڻو ناهي، پنهنجي ماحوليات ، ڌرتي ، ننگن ۽ پنهنجي حقن خاطر جان جي پرواه نه ڪندي به وڙهڻو آهي ، پرديسي پکين جي محافظ ناظم جوکيو جو ناحق خون اڄ انصاف جو منتظر آهي .
پرديسي پکين جا شڪار سنڌ ۾ نه رڳو ڪوهستان ۾ پر لاڙ ، ٿر ، ناري قمبر شهداڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تي ٿيندا رهن ٿا. اڪثر هاليجي ۽ منڇر ڍنڍن ۽ ٿر جي رڻ وارن علائقن ۾ پرڏيهي شڪارين جي گولين جو گهاءُ بڻجيو وڃن ٿا جتي عربي ، قطري شڪاري خيما کوڙي ڪيترو ئي وقت ويٺا رهن ٿا.
انهن شهزور پکين جي شڪار سان گڏ معصوم جانين تان هي بيوقتائتي موت جو راڪاس ڪڏهن ٽرندو ۽ شيرين جوکيو جهڙين ونين کان پنهنجا ڪيترا ڪونڌر ظالم سردارن هٿان ايئن رات جي پيٽ ۾ اذيتن جو موت مرندا رهندا اهي سوال اڄ هر اهل شعور ماڻهوءَ جي ذهن ۾ جنم وٺن ٿا!
فطرت سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو ۽ هن سماج جي هر ذميوار شخص جو اهو اولين فرض آهي ته اهو هن ڌرتيءَ تي آباد وڻن، ٻوٽن، پکين جانورن جي حفاظت لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري .