سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ادب جي آبياري وارو سوال ؟

0
507
سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ادب جي آبياري وارو سوال ؟

ڪجهه مھينا اڳ تعليم کاتي سنڌ جي ھڪ اجلاس ۾سنڌ جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي  تعليمي ادارن  ۾ سنڌي لازمي طور لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو ڪيو ويو ھو تعليم کاتي پاران سنڌي زبان ذريعي ھم آھنگي پيدا ڪرڻ  لاءِ  سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور تي پڙھائڻ جو پابند بنائڻ ۽ خانگي تعليمي ادارن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جا پڻ اھم فيصلا ڪيا ويا ھئا.سنڌ جي تعليم کاتي جي اھڙن فيصلن جي جيتوڻيڪ “سنڌ ”ضرور آجيان ڪئي ھئي پر ھتي اسان وٽ سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري واو سوال اھم معنى رکي ٿو.

بنيادي سوال اھو آهي ته سنڌي ٻولي جي مستقبل بابت اسان ڪيترو فڪرمند آھيون ؟سنڌي ٻولي ته دنيا جي هڪ شاهوڪار ٻولي ليکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي اسان جي وجود ۽ سڃاڻپ جي ضامن پڻ آهي. سنڌي ٻولي هڪ اهڙي ٻولي آهي جنهن ۾ جديددور۽ترقي يافته ٻولي واريون سڀئي حُسناڪيون ۽ خوبيون موجود آهن. ھڪڙو سوال اھوپڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ آبياري لاءِ ڪھڙو ڪم ڪري سگھيا آھيون ۽ اسان جا جوڙيل سرڪاري ادارا هن وقت تائين ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اسان جي اديبن شاعرن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وند ڌرين ۽ ادبي تنظمين جو ڪارج ڪهڙو رهيو آهي؟ هي اهڙا سوال آهن جن جا جواب تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جڏهن سنڌي ٻولي جي ڳالهه ڪجي ٿي تڏهن اها بجا حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي هئي تڏهن به سنڌي ٻولي کي گهربل قومي مقام ڏنو ويو هو. انهي وقت ۾ ڪمشنر سر بارٽل فرٽيئر 1857ع ۾ حڪومتي ڪاروهنوار سنڌي ٻولي ۾ ڪرڻ (هلائڻ) جو حڪم نامو جاري ڪيو هو ۽ اهڙي ريت سنڌ ٻولي کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو ويوھو. انهي کانپوءِ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جو بل آندو ويو پر 49سال گذرڻ جي باوجود  انهي ايڪٽ تي حقيقي معنى ۾ عمل نه ٿيو آهي . اهڙي ريت اڳتي هلي  ڏٺو وڃي ته جمهوري حڪومتن ۾ به سنڌي ٻولي کي جائز مقام ملي نه سگهيو. اڄ جڏهن سنڌي ٻولي جي بقا ۽ وجود وارو سوال اسان جي اڳيان آهي. انهي سان گڏوگڏ ٻولي جي ترقي آبياري ۽ واڌاري وارو سوال پڻ اسان جي اڳيان آهي.

بنيادي سوال هي آهي ته سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جوڙيل سرڪاري ادارا سنڌ لئنگويج اٿارٽي۽ سنڌي ادبي بورڊ هن موجوده وقت ۾ ڪو ڳڻائڻ جهڙو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي صورتحال اها آهي جو هي ادارو وڏيون وڏيون بجيٽون رکندي به مالي۽ انتظامي گهوٽالي جو شڪار رهيوآهي. مختلف وقتن تي ادبي بورڊ جا ملازم پنهنجن مسئلن لاءِ اڪثر  سراپا احتجاج بڻيل رھيا آهن. سنڌي ادب جي واڌ ويجهه، تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر جوڙيل سنڌي ادبي بورڊ وارو ادارو هن وقت سياسي ڌرين جي“رحم ڪرم” تي هلي رهيو آهي .جڏهن سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جوڙيل ادارن جي صورتحال زوال پذير هجي ۽ انهن ادارن جي ڪارج کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو به ماڻهو عملي طور تي وک وڌائڻ لاءِ تيار نه هجي ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جي سنڌي ٻولي ڪيئن ترقي ڪري سگھندي؟

هتي هڪ اهم ڳالهه اها پڻ آهي ته دنيا اندر صرف انهن قومن ترقي جون منزلون طئه ڪيون آهن. جن مادري ٻولين جو پاند نه ڇڏيو آهي. سڄي دنيا انهي ڳالهه کي تسليم ڪري چُڪي آهي ته ابتدائي تعليم ٻار کي مادري زبان ۾ ڏني وڃي. پر اسان وٽ هتي مادري ٻولي جي اهميت کي نٿو سمجهيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ وڏن شھرن جي تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي. اسان جي مادري ٻولي سنڌي آهي پر اسان جا سنڌي سرمائيدار ۽ وڏن شهرن ۾ رهندڙ امير ماڻهو پنهنجي ٻارن کي بنيادي تعليم انگريزي زبان ۾ ڏيارڻ کي پسند ڪن ٿا. ڪراچي، حيدرآباد، ۽ ميرپورخاص جي شهرن ۾ اڪثر پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي مادري ٻولي بجاءِ انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان جو اڀرندڙ نسل پنهنجي اصلوڪي نج سنڌي ٻولي کان اڻ واقف ٿيندو پيو وڃي.

اها پڻ حقيقت آهي ته سنڌ ۾سياسي متڀيد، لساني بنياد پرستي ۽ ڌارين جي يلغار سنڌي ٻولي جي واڌويجهه ۽ ترقي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. جنهن جو واضح مثال هي آهي جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي پرائيويٽ توڙي ڪجهه سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو مضمون نٿو پڙهايو وڃي. انهن ادارن ۾ سرڪار جا حڪم پڻ نٿا هلن. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص جي نجي اسڪولن ۾ ته سنڌ جي وڏيرن، سياسي ليڊرن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وند ڌرين جا ٻار پڻ پڙهن ٿا. پر انهن نجي اسڪولن کان ڪير به پڇاڻو به نٿو ڪري ته اسان جي ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي (سنڌي) ۾ ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن جي نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون نه پڙهائڻ واريون خبرون مختلف وقتن تي ميڊيا تي اينديون رهيون آهن،  ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ جي حوالي سان ٻٽا معيار موجود آهن.

مختلف وقتن تي سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي اڪثر شهر جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ وارن مامرن جا نوٽيس پڻ ورتا ويا آهن ۽ چيو ويندو آهي ته سنڌي مضمون نه پڙهائڻ وارن اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويندا ۽ اسڪول جي رجسٽريشن ختم ڪئي ويندي پر عمومي طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙن فيصلن تي عمل گهٽ ٿيندي نظر ايندو آهي. سنڌي ٻولي جي مستقبل بابت جتي ٻيا معامرا آهن اُتي اهو پڻ سوال اڀري ٿو ته اسان جا اديب، شاعر ٻولي کي جيارڻ لاءِ سنڌي ادب تي ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ هتي سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي صورتحال اها آهي جو ٻاراڻي ادب تي جيڪو ڪم ٿيڻ گهرجي اهو نه پيو ٿئي.

موجوده دور ۾ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌ جي اديبن شاعرن جو ڪردار مايوس ڪندڙ آهي. سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي ڌيان نه ڏيڻ سبب اسان جي نئين نسل ۾ مطالعي جو رجحان گهٽجي ويو آهي. اسان جا اديب، شاعر نئين نسل جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ٻولي ۽ ادب جي آبياري لاءِ ادبي تنظيمن جو حال پڻ مايوس ڪندڙ آهي. ٻولي جي ترقي ۽ ادب جي آبياري جو تعلق ادارن ۽ تنظيمن سان جڙيل هوندو آهي پر ادبي تنظيمن جو ڪارج هن وقت سواليه نشان بڻيل آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ جوڙيل انهن تنظيمن جي ڪارج تي هاڻي آڱريون کڄي رهيون آهن.سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت  جو ڪارج ھن وقت عملي طور تي نظر نٿو اچي مجموعي طور تي اسان جي سنڌي ٻولي جو مستقبل اديبن شاعرن جي ڪردار، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن، تنظيمن جي ڪارج ۽ رياست جي ڪردار سان سلهاڙيل آهي.

جيڪڏهن اسان جي ادبي ادارن ۽ تنظيمن ۾ ويٺل اسان جا دوست پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ادا ڪن ته هوند اسان جا اُهي علمي ادارا ترقي جي راهن ڏانهن گامزن ٿي سگهن ٿا ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه بهتر ڪم به ٿي سگهي ٿو. سنڌي ٻولي جي بهتر مستقبل لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ٻولي جي درپيش مسئلن، معاملن ۽ درپيش چئليجن کي سمجهون ۽ ان جي ترقي واڌاري لاءِ عملي طور تي اڳتي اچون.موجوده حالتن جي پس منظر ۾سنڌي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ جي عام ماڻهن، سول سوسائٽي جي دوستن، اين جي اوز جي نمائندن، اديبن، دانشورن ۽ ميڊيا جي دوستن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ڪو تحرڪ وٺڻو پوندو.

انھي ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته، سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ عملي تحرڪ وٺي.ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور،سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري،بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر،صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه،گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري حيدرآباد سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ دادوءَ وغيره ۾ قائم ڪيل ڪيمپسن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ جي کوليل سمورين ڪيمپسن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن ۽ ٻولي کي ترقي وٺرائي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. .