مڙسن جي ڀٽڪڻ جو خوف:عورتن شراب خانو تباهه ڪري ڇڏيو

0
528

ڪرناٽڪ (دلچسپ نيوز) مڙسن جي ڀٽڪڻ جو خوف:عورتن شراب خانو تباهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ڳوٺ مسلا پور ۾ شراب جو دڪان کوليو ويو،

ڳوٺ جي عورتن کي مڙسن جي ڀٽڪڻ ۽ شرابي ٿيڻ جو خوف ورائي ويو، عورتن مالڪ کي دڪان بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر هن جواب ڏئي ڇڏيو جنهن بعد ڳوٺاڻين عورتن گڏجاڻي ڪري مشورو ڪيو ۽  بعد ۾ دڪان تي حملو ڪري ڏنو،

لٺ بردار عورتن دڪان اندر رکيل بوتلون ٽوڙي سمورو شراب هاري ڇڏيو، پوليس عورتن کي روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي. عورتن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ٻيهر شراب جو دڪان کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وري حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏينديوسين.