ٺري ميرواھ: (ن پ ا) ٺري ميرواھ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٻن مهينن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف دڪاندارن ۽ شهرين حاجي محمد ايوب اعواڻ، غلام مرتضيٰ ٻانڀڻ، شھباز ڏنو شر، ميثم پنهيار، اختر جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته برسات کي 2 مهينا گذري چڪا آھن پر ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي، دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر شھر مان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ صرف 2 مشينون هلي رهيون آھن. شهر ۽ ڀرپاسي 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آھي، ان باوجود مشينريءَ ۾ ڪو اضافو نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته ٻن مهينن کان سمورا روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، تعلقي آفيسون ۽ رهائشي ڪالونيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن پر انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي چُري. مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي مستقل پريشانيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.