گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي سماجي اڳواڻ محمد اعظم چاچڙ مٿان مختيارڪار گهوٽڪي رڪارڊ ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي. اي سيڪشن ٿاڻي تي درج ڪرايل ايف آءِ آر ۾ مختيارڪار گهوٽڪي ميهرالدين چاچڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته محمد اعظم چاچڙ آفيس ۾ پهچي تپيدار محمد حنيف ملهڻ کان روينيو رڪارڊ ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، روڪڻ تي حملو ڪيو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار محمد اعظم چاچڙ آفيس ملازم غلام محمد چاچڙ کان 2300 رپيا ڦر ڪيا آهن. واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ سماجي اڳواڻ محمد اعظم چاچڙ سيل سرٽيفيڪٽ وٺڻ لاءِ ويو ته آفيس ۾ موجود مختيارڪار ۽ سماجي اڳواڻ ۾ منهن ماري ٿي هئي.