دڙو (ن پ ا) دڙو ٽائون ڪميٽي جي ملازمن و مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو. ملازمن، نور محمد درس،علي محمد سولنگي،نويد ميمڻ،غلام حسين سولنگي،پريم،ڪانتي،۽ ٻين چيو ته هن مهنگائي جي دؤر ۾ اسان ماني جي هڪ ويلي لاء پريشان آهيون اسان شهر مان گند ڪچرو کڻي شهر کي صاف ڪريون ٿا ٽائون انتظاميا اسان جا ڪيتري وقت کان وڌايل پگهار ڏيڻ بجاء ڪٽوتي ڪري ۽ ٻن مهينن جا پگهار پڻ کائي ويا آهن ڪچن ملازمن کي 25هزار رپين مان رڳو 12هزار رپيا ڏئي اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ بجاء گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي رلائي رهيا آهن هنن اعلان ڪيو ته جيسين اسان جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا ڪم ڇڏ هڙتال ڪري  احتجاج جاري رکنداسين .