ٺري ميرواهه ڀرسان پٽن تشدد ڪري پيءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو

0
182

ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٺري ميرواهه ڀرسان پٽن تشدد ڪري پيءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ملان مينڌرو ۾ دوائن جو خرچ گهرڻ تي پٽن پيرسن پيءُ کي  تشدد ڪري گهران ڪڍي  ڇڏيو.

پريس ڪلب آڏو پيرسن درمحمد شر احتجاج ڪندي ٻڌايو ته دوائن جا پئسا گهرڻ تي پٽن بچل شر ۽ امير بخش شر اڄ صبح جو تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي.

پيرسن داستان ٻڌائيندي صحافين آڏو روئي ڏنو ۽ چيو ته دل جي بيماري ۾ مبتلا آھيان، پٽ دوا نٿا وٺي ڏين، دوا  جو خرچ گهرڻ تي تشدد ڪيو اٿن.