سکر: عدالت سزا آيل آفيسر کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو

0
201
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سزا آيل آفيسر کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

خوراڪ کاتي خيرپور جي آفيسر نجيب ناريجو کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو ٻڌايو.

نجيب ناريجو کي احتساب عدالت سکر سزا ٻڌائي هئي، ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت نجيب ناريجو کي ست سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏني هئي.

سزا بعد خوراڪ کاتي جي آفيسر ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.