ٺاروشاهه مان اغوا ٿيل ڪنوار جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو

0
434

ٺاروشاهه (رپورٽر) ٺارو شاهه مان رخصتي وقت ڪنوار مبينا طور اغوا ٿي وئي، کوکر پاڙي مان رخصتي وقت ڪنوار مامن ۽ چاچن هٿان مبينا طور اغوا ٿي وئي

ڪنوار سائرا جو والد عبدالرشيد سهتو ٿاڻي تي پهچي ويو، ڀائرن ۽ سالن سميت 12ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

جڏهن ته گهوٽ اشفاق سهتو سهري عبدالرشيد سهتو سميت ٽائيم نيوز آفيس پهچي ويو، احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

گهوٽ موجب نڪاح بعد رخصتي وقت ڪنوار کي سندس چاچا ۽ ماما خالد، اڪبر، رياض سهتو ۽ ٻيا اغوا ڪري ويا آهن

ڪنوار جي مالد عبدالرشيد سهتو جو چوڻ آهي ته ڀائر ۽ سالا منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪري ويا آهن، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي

ٻئي پاسي اغوا ٿيل ڪنوار جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي، ناري جو وڊيو بيان ۾  چوڻ آهي ته چاچن، مامن ۽ سئوٽ مون کي اغوا ڪيو آهي، والد جي مرضي سان نڪاح  ٿيو آهي، مون کي گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي، آزاد ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سرعام قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل