پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن بابت ڪيس: جسٽس جمال مندو خيل طرفان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت، بينچ وري ٽُٽي وئي

0
357

اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 4 رڪني بينچ به ٽُٽي پئي، جسٽس جمال مندوخيل ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

جسٽس جمال مندوخيل جي معذرت بعد سپريم ڪورٽ جي بينچ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي پئي، گذريل ڏينهن جسٽس امين الدين جي معذرت بعد 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي هئي، سپريم ڪورٽ 5 رڪني بينچ ٽٽڻ کانپوءِ ٻڌڻي اڄ ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي هئي

 سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو هو ته اڄ 4 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکندي، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بينچ عدالتي ڪمري ۾ پهتي

اٽارني جنرل منصور خان روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو، جسٽس جمال مندوخيل ٻڌڻي جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

پاڻمرادو نوٽيس اختيارن تي جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين جو فيصلو قانوني طور تي لاڳو نه ٿيندو: سپريم ڪورٽ