چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

0
417
چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا
چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

راجسٿان(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي رياست راجسٿان ۾ چار ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو اهي

ميڊيا رپورٽن موجب ڍنگسارا ڳوٺ ۾ 26 مارچ تي ڀنوري ديوي نالي ناريءَ جي شادي ٿي. هن جي چار ڀائرن ڏاج لاءِ 8 ڪروڙ ۽ 31 لک رپيا خرچ ڪيا جيڪا رقم هن وقت تائين ڳوٺ ۾ ڪنهن به خرچ نه ڪئي آهي

ڀنوري ديوي کي ڏاج ۾ 2.21 ڪروڙ رپيا روڪ مليا، جڏهن ته 4 ڪروڙ ر40 لک رپين جي زمين ڏني آهي. ان کان علاوه هڪ ڪلو کان وڌيڪ سون ڏنو ويو آهي جنهن جي قيمت 71 لک رپيا آهي جڏهن ته 14 ڪلو چاندي ملي جنهن جي قيمت 9.8 لک رپيا آهي، ڏاج ۾ 7 لک رپين جو ٽريڪٽر به شامل آهي

صرف ايترو ئي نه بلڪ ڪنوار کي ڀائرن گهوٽ کي هڪ موٽرسائيڪل ۽ ٻيا تحفا به ڏنا ويا جيڪي ڏاند گاڏين ۽ اُٺن ذريعي ڍنگسارا ڳوٺ کان رائڌانو ڳوٺ تائين پهچايا ويا