عرفي جيتري بهادر ناهيان جو هن جهڙو فيشن ڪري سگهان: ڪرينا

0
194
عرفي جيتري بهادر ناهيان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور عرفي جاويد جي فيشن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مان ايتري بهادر نه آهيان جو هن جهڙو فيشن ڪري سگهان

ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور هڪ انٽرويو ۾ چيو ته عرفي جاويد تمام باهمت ۽ بهادر آهي. هوءَ جهڙو فيشن ڪرڻ چاهي ٿي ڪري وٺي ٿي پر مون ۾ ايتري همت نه آهي

شايد مان ايتري بهادر نه آهيان. ڪرينا ڪپور چيو ته فيشن اظهار راءِ ۽ اظهار جي آزاديءَ جو نالو آهي ۽ عرفي جاويد ان مان لطف اندوز ٿي رهي آهي، مان هن جي تعريف ڪريان ٿي هوءَ پراعتماد آهي جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي

واضح رهي ته هڪ شو ۾ رنبير ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور عرفي جاويد جي فيشن تي تبصرو ڪيو هو ته اهڙا فيشن صرف عرفي جاويد ئي ڪري سگهي ٿي

هي به پڙهندا

عرفي جاويد کي ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار گرفتار