ڪارگل جنگ دوران پوڻا 2 لک پائونڊ جو معاهدو ٿڏي ڇڏيم: شعيب اختر

0
336
ڪارگل جنگ دوران پوڻا 2 لک پائونڊ جو معاهدو ٿڏي ڇڏيم: شعيب اختر
ڪارگل جنگ دوران پوڻا 2 لک پائونڊ جو معاهدو ٿڏي ڇڏيم: شعيب اختر

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو ماضي جو هڪ انٽرويو منظرعام تي آيو آهي جنهن هن انڪشاف ڪيو هن ڪارگل جنگ دوران پوڻن 2 لکن پائونڊ جو معاهدو ٿڏي ڇڏيو هو

انٽرويو دوران ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته ڪنهن جي حب الوطني تي شڪ نه هئڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته اِها تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي ان وقت ناٽنگهم شائر سان منهنجو پوڻن 2 لک پائونڊ جو معاهدو ٿيو هو، هن دعويٰ ڪئي ته وري ٻه هزار ٻه ۾ هڪ تمام وڏو معاهدو ٿيو هو

شعيب اختر چيو ته ٻئي معاهدا ڇڏي وطن موٽي آيو هئس، هن چيو ته مان لاهور جي سرحدي علائقي وٽ بيٺو هئس، پاڪ فوج جي هڪ جنرل پڇيو ته هتي ڇا ڪري رهيون آهيان، مون چيوته جنگ شروع ٿيڻ واري آهي مرنداسين ته گڏ ئي مرنداسين. پنڊي ايڪسپريس چيوته ڪشمير جي دوستن سان رابطو ڪري کين آگاهه ڪيو ته مان اچي ويو آهيان، تياري ڪيو

هن چيو ته جڏهن ڀارت جي جهازن پاڪستاني حدن ۾ ڇهه ست وڻن کي نشانو بڻايو ته مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي، صبح اُٿندي ئي مون کي چڪر اچڻ لڳا، زال چيو ته خدا جي واسطي پريشان نه ٿيو ڪجهه ناهي ٿيو بس وڻ ڪِريا آهن حملو ناهي ٿيو. جيستائين پاڪستاني جوانن ڀارت کان پلاند نه ورتو تيستائين مون کي سڪون نه مليو