سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سرعام قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

0
492

سکر ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سرعام قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

گذريل ڏينهن عدالت ۾ حاضري بعد ڪار ۾ گهر واپس ويندڙ رينجرز جي لانس نائڪ علي اڪبر سولنگي ۽ سندس گهرواري زينت گڏاڻي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي

پوليس موجب فائرنگ ۾ ٻئي زال مڙس مارجي ويا ۽ هڪ نينگري زخمي ٿي پئي هئي

پوليس ايف آءِ آر ۾ 6 سڃاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو آهي،جڏهن ته مقتوله زينت گڏاڻي جي ماءُ ۽ اڳوڻي مڙس مدد علي  جا نالا به نامزد ڪيا ويا آهن

مدد علي مقتولن خلاف نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪرايو هو

هي به پڙهندا

سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو عدالت مان واپسي تي قتل