ڪوٽڙي :10 ڏينهن اڳ گڏيل عرب اماراتن ۾ قتل ٿيل ڪوٽڙي واسي سعيد احمد جانوري جو مڙھ ڪراچي ايئرپورٽ پهچايو ويو، جتان مقتول نوجوان جي مڙھ کي ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ ميهڙ لڳ آگهماڻي نيو ويو جتي سندس تدفين ٿيندي. 10 ڏينهن اڳ گڏيل عرب امارات جي شهر سوهان ۾ سعيد جانوري کي قتل ڪيو ويو هو، نوجوان جا قاتل گرفتار ٿي نه سگهيا. وارثن موجب نوجوان جو مڙه سنڌ پهچائڻ ۾ دبئي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ دوست سٿ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سليم شيخ پوئيواري ۽ مدد ڪئي.