بيجنگ (دلچسپ نيوز)چيني ريگيوليٽرز آن لائن اي ڪامرس ڪمپني علي بابا گروپ تي ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ميڊيا موجب چيني ريگوليٽرز علي بابا گروپ تي 18 ارب يوآن(2.75 ارب آمريڪي ڊالرز) جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي جيڪو هن جي مارڪيٽ پوزيشن جو غلط فائدو کڻندي ۽ واپار رولز جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته علي بابا تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ چين جي تاريخ ۾ هينئر تائين ڪنهن به ڪمپني تي لڳندڙ سڀني کان وڏو ڏنڊ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب علي بابا تي لڳايل ڏنڊ 2019 ان جي آمدني جو تقريبن 4 سيڪڙو بڻجي ٿو جيڪو چين جي تاريخ ۾ پنهنجي ئي ملڪ جي ڪمپني خلاف ڪيل سخت ترين ڪريڪ ڊائون آهي جنهن جو ماضي ۾ ڪوبه مثال نٿي ملي.واضح رهي ته علي بابا جي باني جيڪ ما گذريل سال چين جي ريگوليٽري نظام تي سخت تنقيد ڪئي هئي جنهن کان پوءِ علي بابا جي ڪاروبار بابت سخت اسڪروٽني ڪئي پئي وڃي.