ڇاڇرو:ڏي وٺ جي شادي ۾ سامارو جي ويجھو وڪيل جو ڳوٺ کان آيل ڄڃ کي ڪنواريتن جواب ڏئي ڇڏيو،فراڊ جو الزام- گهوٽ سميت ڄڃ ڪلاڪن کان روڊ تي بيٺل رهي. گهوٽ واري ڌر جو چوڻ هو ته اسان ڏي وٺ جي شادي طئي ڪئي هئي، گذريل رات هنن جي گونگي ۽ ٻوڙي گهوٽ کي پنهنجي ڇوڪري شادي پرڻائي ڏني آهي، اڄ هنن اسان جي گهوٽ کي پرڻائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر جي چوڻ موجب جيڪا هنن اسان کي ڇوڪري ڏني آهي، هو کدڙو فقير آهي، هنن اسان سان دوکو ڪيو آهي جنهن جي اسان پوليس کي درخواست پڻ ڏني آهي، هاڻ اسان پنهنجي ڇوڪري هنن کي نه ڏينداسون. پوليس جو چوڻ هو ته هنن جي برادري جو معاملو آهي،چار چڱا معاملي کي حل ڪن.