نيويارڪ (دلچسپ نيوز) ياداشت مضبوط ڪرڻ لاءِ عورت معصوم پٽ کي واري، پٿر ۽ ڪاٺيون کارائڻ لڳي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ايريزونا جي علائقي فينڪس ۾ رهندڙ 22 ورهين جي ايلس بينڊر8 مهينن جي پٽ تي تجربو شروع ڪري ڏنو آهي. معصوم فرن کي واري، پٿر ۽ ڪاٺين جا ٽڪڙا کائڻ جي کلي اجازت مليل، ٻارڙو پٿر جا ننڍا ننڍا ٽڪڙا چٻاڙيندو رهي ٿو، فرن جي کائڻ پيئڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ،ايلس کيس ريتي کائڻ لاءِ ڏي ٿي، ڪاٺين جا ٽڪڙا پڻ چوسيندو رهي ٿو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن ڪجهه صارفين ان عمل جي تعريف ڪئي آهي ته ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته ايلس بينڊرپنهنجي پٽ جي زندگي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي. ٻئي طرف ايلس بينڊر پنهنجي ان عمل جو دفاع ڪندي چيو آهي ته جيستائين ٻار ماءُ جو کير پيئندو رهندو تيسيتائين کيس بيڪٽريا کي منهن ڏيئڻ گهرجي، کير سندس حفاظت ڪندو. هن چيو ته ٻاراهي شيون کائڻ سان وڌيڪ ذهين ٿيندو۽ ان ۾ ڦڙتي پڻ پيدا ٿيندي،اسانکي اربين رپين جي اشتهاري مهم تي وڃڻ نه گهرجي.