نيويارڪ (دلچسپ نيوز) درياهه مان پڪڙيل مڇي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ فش اينڊ وائلڊ لائيف سروس ڊيٽرائٽ خطرناڪ مڇي پڪڙي ورتي آهي. اسٽرجن نالي اها مڇي 6 فوٽ 10 انچ ڊگهي ۽ 90 ڪلو وزن رکي ٿي. ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته مڇي انتهائي مضبوط آهي،عمر 100 سال به ٿي سگهي ٿي. اختيارين موجب اها مڇي 1920 کان وٺي درياهه ۾ موجود هئي وڌيڪ جاچ جاري آهي. هنن ٻڌايو ته مادي مڇيون نرجي ڀيٽ ۾ وزني هجن ٿيون، شڪار تي پابندي آهي.