ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي قومي شاھراهه تي دالي موري اسٽاپ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ڪار جو ٽرالر کي پويان کان ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور شھزاد اشرف موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏھن ته سيفل، حماد احسن آرائين ۽ اڪرم آرائين سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرياسٽي پوليس اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ زخمي اڪرم آرائين ٻڌايو ته اسان پنجاب جي شھر احمد پور جا رهواسي آھيون، ڪراچي کان عيد ڪرڻ لاءِ پنھنجي گهر وڃي رهيا ھئاسين ته حادثو پيش آيو آھي جڏھن ته فوتي شھزاد اڪبر جو لاش پنجاب روانو ڪيو ويو.