وڳڻ ۾ ناري ڀيڻ سان جهيڙي بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

0
215

وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۾ ناري ڀيڻ سان جهيڙي بعد آپگهات ڪري ڇڏيو، 17 ورهين جي فرحانه مغيري پاڻ تي پستول جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري ڀيڻ سان معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد انتهائي قدم کنيو، ٽنڊو مستي ڀرسان پيرسن زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو، ڳوٺ يار محمد اُڄڻ ۾ پيرسن غلام رضا خاصخيلي گهرو پريشانين سبب خودڪشي ڪري ڇڏي، لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.