گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ ڏسڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر پهتو، خبر موجب گاجي کهاوڙ جي مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ ۽ ميرواه ۾ پاڻي کوٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ ريڊ ڪمشنر ۽ ڊپٽي رجسٽرار عابد حسين قاضي پهچي ارٿر برانچ، مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ ۽ ميرواه جو منڍ کان وٺي دورو ڪري پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو، ريڊ ڪمشنر آڏو آبادگارن احتجاج ڪري پاڻي کوٽ جون دانهون ڪيون. ان موقعي تي ريڊ ڪمشنر چيو ته مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ ۽ ميرواه ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، جنهن ڪري لکين جريب زمين غيرآباد آهي، هن چيو ته ارٿر برانچ ۾ غيرقانوني پائيپ ۽ غيرقانوني واهه نڪتل آھن، جنهن ڪري پاڻي چوري ٿئي ٿو. ٻئي طرف آبادگارن سرائي منير کهاوڙ، سنتوش ڪمار، خميسو کوسو، حميد چانڊيو، علي گل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ارٿر برانچ مان 34 ۽ 22 آر ڊي تي غيرقانوني طور تي دِڪا ۽ در لڳل آھن، ڌجنهن ڪري پاڻي نٿو پهچي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي پهچائي مسئلو حل ڪيو وڃي. واضح رهي ته ظهير حسين کهاوڙ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي.