رپڙي/ کهڙا (نمائندن وٽان ) رپڙي مان ناري ڪائنات پنهور مبينا طور اغوا ٿي وئي، وارثن قرآن پاڪ کڻي پريس ڪلب کهڙا آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ ناري جي پيءُ نياز محمد پنهور ماءُ فريده، ڀيڻ رخسار ۽ ٻين قرآن پاڪ کڻي دانهيو ته جوابدارن امير حسين پنهور، نادر علي، مجاهد علي ۽ صدام حسين پنهور ڪائنات کي اغوا ڪري ويا آهن، هنن ٻڌايو ته ان اغوا پويان هڪ بااثر شخص ملوث آهي، جنهن سبب پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي رپڙي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي واپس ڪرائي ڏني وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي بهارو ٿاڻي جي ايس ايڇ او مسلم شيخ ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ناري ڪائنات پنھور پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي پيءُ نياز پنهور مجاھد پنھور سان نڪاح ڪرايو ھو، ڪنهن به اغوا ناھي ڪيو مان پنهنجي مڙس سان گڏ آھيان، منهنجو پيءُ بي گناھ منهنجي مڙس، سھري ۽ ڏيرن مٿان اغوا جو ڪوڙو الزام لڳائي رھيو آھي.