سوال/سروي عورتن ۽ ٻارن جي تشدد، ريپ ۽ قتل جا واقعا وڌڻ جي سرڪار ذميوار قرار، جوابدارن کي سرعام سزا ڏيو: عوام

0
347

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد، ريپ ۽ قتل جي واقعن ۾ واڌ جو ذميوار ڪير آهي؟ قومي اسيمبلي ۾ عورتن ميمبرز پاران جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان مطالبي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت کي واقعن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته قانون تي سختي سان عمل نٿو ٿئي ان ڪري واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جوابدارن کي سرعام ڦاهي واري مطالبي تي عمل ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وقاص ياسين آرائين لکيو ته واقعن ۾َ ڏينهون ڏينھن اضافو ٿئي پيو، ساگر علي رضا لکيو ته هتي ڪو به قانون ناهي. ريپ ۽ قتل ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا نٿي ڏني وڃي. غلام ياسين به سروي ۾ حصو ورتو، حبيب الله عمراڻي لکيو ته ذميوار سرڪار آهي ڪنهن بيقصور کي سزا ڏيارڻ لاءِ قانون جو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ذميوارن کي سزائون نٿيون ملن، اعجاز فقير لاشاري لکيو ته اعجاز فقير لاشاري لکيو ته ملڪي قانون ته آهي پر ان تي سختي سان عمل ناهي، غلام ياسين به سروي ۾ حصو ورتو، خاموش خليل شر لکيو ته ٻارن ۽ عورتن سان ريپ ڪندڙن کي اڄ ڏينهن تائين سزائن لاءِ ڪوبه پلان نه جوڙيو ويو آھي ان ڪري واقعا وڌن پيا، عبدالرحمان چانگ لکيو ته قانون جوڙيندڙ ادارا ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادارا ذميوار آھن، فضل بلوچ لکيو ته پهرين ته اسان وٽ قانون نالي ڪا شئي هي ناهي هڪ جهڙو قانون هجي ته بلڪل انهن ڏوهن سان گڏ ٻين ڏوهن تي به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو، احسان مستوئي لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادرا ان سموري مسئلن جا ذميوار آهن، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ھنن واقعن کي روڪڻ لاءِ جيڪي به قانون پاس ٿيل آھن انهن تي عمل ڪيو وڃي، وحيد ڄامڙو لکيو ته عورتن ۽ ٻارڙن سان ريپ،قتل ۽ تشدد جي وڌندڙ واقعن جي ذميوار حڪومت آھي، انتظار حسين ڦل لکيو ته سخت کان سخت قانوني ڪاروائي جي ضرورت آھي، جمال الدين چنا ۽ عمر پنهور لکيو ته ذميوار حڪومت آهي، نماڻو نوناري لکيو ته قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، سميع الرحمان لکيو ته اهڙن جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي، عاقب حسين لکيو ته اهڙن ڪيسن ۾ ڪنهن هڪ کي ڦاهي ڏني وڃي واقعا پاڻ ئي گهٽجي ويندا، بشير ميراڻي لکيو ته قومي اسيمبلي ۾ بهترين مطالبو ڪيو ويو آهي، احسان کنڊ لکيو ته پوليس، عدالت، حڪومت ذميوار آهي، زاهد چانڊيو پڻ سروي ۾ حصو ورتو. فياض باجڪاڻي لکيو ته هتي بل ته منٽن ۾ پاس ٿيندا پر عمل ناهي ٿيندو، حاجي خان پنهور لکيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته عورتن ٻارن مٿان ريپ تشدد جا واقعا ۽ قتل جا واقعا افسوسناڪ آهن، اهڙن مجرمن کي ڦاهي چاڙهيو وڃي، عورت ميمبرز جو مطالبو درست آهي، گل حسن شر لکيو ته اھڙن ڪيسن جا فيصلا جلد ٻڌايا وڃن، علي عباس جمالي لکيو ته اهڙي مطالبي جي آجيان ڪجي ٿي، بابر وساڻ لکيو ته حڪومت وٽ سزائون صرف نالي ماتر آهن ان ڪري عمل نٿو ٿئي سخت قانون لاڳو ڪري، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، آفتاب لغاري لکيو ته عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان زيادتين ۽ قتل جي واقعن ۾ اظافو ٿي رھيو آهي، جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، آسڻ داس لڇواڻي لکيو ته عورتن ۽ ٻارن کي وحشيت جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، وقار حسين لکيو ته جيسيتائين اهڙن ڪيسن ۾ سزائون سخت ڪري ملوث جوابدارن کي سري عام ڦاهي نه ڏني ويندي تيستائين ڪوبه فرق نه پوندو، پرنس اياز علي لکيو ته حڪومت سان گڏ اسان جي ذميواري آهي ته جتي اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن انهن کي قانون جي حوالي ڪيون،يعقوب کوسو لکيو ته سرعام ڦاهي ڏني وڃي، عابد شر لکيو ته ذميوار سرڪار آھي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته اثرائتي قانونسازي نٿي ٿئي، ساحل ڪيريو لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، بابر علي شر لکيو ته ذميوار سماج آهي، ماڻهن جي تربيت ڪئي وڃي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته تشدد ۽ ريپ جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، شهمير مهر لکيو ته سرڪار ذميوار آهي، عاطف عامر به سروي ۾ حصو ورتو، جميل الرحمان لکيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سان ريپ ڪندڙن کي ڪابه سزا نٿي ڏني وڃي، آصف ابڙو لکيو ته جوابدارن کي سزا نٿي ملي ان ڪري واقعا وڌي رهيا آهن، سڪندر بلوچ لکيو ته قانون جي رٽ ڪمزور ھجڻ ۽ قاتل ريپ ڪندڙ بااثر ھئڻ ڪري قانوني گرفت کان آجا ٿي ويندا آھن، شاهجهان کوسو لکيو ته بلڪل زبردست مطالبو آهي، مسرور شر به حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو، عاشق حسين، ايم عشرت بروهي، مظفر ڏيٿو، شاهد بلوچ، منظور حسين، نعمان غوري، عبدالحفيظ شر، شاهد شر ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.