وڳوڙن ۾ ملوث 300 مان 46 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو:پنجاب سرڪار

0
352

پنجاب جي سڌ سماءُ واري نگران وزير عامر مير  چيو آهي ته 9 مئي جي تخريبڪاري وارن واقعن ۾ ملوث 300  مان 46  عورتن کي گرفتار ڪيو ويو  آهي

عامر مير چيو ته گرفتار  ڪيل 29 عورتون ضمانت تي آزاد ٿي چڪيون آهن ۽ جيل ۾ قيد 17 عورتن جي سڃاڻپ پريڊ جاري آهي

نگران صوبائي وزير چيو ته قانون موجب نه ڪنهن سان زيادتي ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن کي رعايت ملندي، هن وڌيڪ چيو ته سڃاڻپ کان اڳ  جوابدار جي ڪنهن به شخص سان ملاقات نه ڪرائي ويندي