بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪريوال) بخشاپور ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، ڇڪتاڻ، خبر موجب گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي، ڪالهه ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ڪرم الدين پٽ ڀورو سندراڻي مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ٻڌايو پيو وڃي ته سندراڻي برادري جي هٿياربندن جديد هٿيارن سان ڳوٺ قاسم ساوند تي حملو ڪري ڏنو، ساوند برادري جي جوابي فائرنگ ۾ سندراڻي برادري جو هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر به استعمال ڪيا ويا، ڌرين ۾ فائرنگ سبب مارجي ويل نوجوان جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو ۽ پوليس نه پهتي، واضح رهي ته ساوند سندراڻي تڪرار ۾ پروفيسر اجمل ساوند ۽ هڪ عورت سميت هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.