ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما انڪشاف ڪيو آهي ته مان پنهنجي مڙس ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪولهي کي پهرين ملاقات کان اڳ هڪ مغرور انسان سمجهندي هئس.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته ان سوچ سان گڏ ئي مان ويرات ڪولهي جي سامهون پنهنجو تڪبرانه چهرو آڏو رکيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي باري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ماڻهن کي خبر نه آهن. اسان گڏجي هڪ اشتهار ۾ ڪم ڪيو هو جنهن ۾ اسان ڪافي مشڪل اداڪاري ڪئي. پر مان ويرات کان مٿي ئي رهڻ چاهيو ٿي.انوشڪا چيو ته جڏهن مان ويرات سان مليس ته هو منهنجي سوچ جي ابتڙ هڪ آسان ذهن ۽ مزاحيه شخص معلوم ٿيو. انوشڪا وڌيڪ چيو ته اشتهار جي شوٽنگ 3 ڏينهن تائين جاري رهي ۽ ٻئين رات مون پنهنجي نئين گهر جي خوشي ۾ دوستن کي ماني جي دعوت تي گهرايو جنهن ۾ ويرات کي به دعوت ڏني ۽ اتان کان ئي اسان جي دوستي شروع ٿي.