ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان چيو آهي ته فلم ”راڌي“ ۾ مان ۽ ديشا هڪ ئي عمر جا لڳي رهيا آهيون.سلمان خان جي ايندڙ نئين فلم ”راڌي: موسٽ وانٽيڊ ڀائي“ جي ٽريلر رليز ٿيل گاني ”سيٽي مار“ کي مداحن طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي.فلم جي تياري جي حوالي سان پنهنجي يوٽيوب چئنل تي پوسٽ ڪيل هڪ ويڊيو ۾ سلمان خان هيروئن ديشا پٽاني جي حوالي سان چيو ته هن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ سهڻي لڳي رهي آهي.دبنگ اسٽار مزاحيا انداز ۾ چيو ته اسان ٻئي هڪ ئي عمر جا لڳي رهيا آهيون، ملطب هوءَ منهنجي عمر جي نه پر مان ان جي عمر جو لڳي رهيو آهيان.واضح رهي ته 55 ورهين جي سلمان خان جي نئين فلم ۾ سندس هيروئن ديشا ان کان 27 سال ننڍي آهي. سلمان خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ان عمر ۾ ڪو اداڪار ايڪشن سين ڪري سگهي ٿو ته رومانس به ڪري سگهي ٿو.فلم ۾ مٺي جي هڪ منظر بابت سلمان خان ٻڌايو ته اهو وات تي ٽيپ رکي فلمايو ويو.