ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا حرا ماني به ڪراچي ۾ ڦورن کان بچي نه سگهي، ڊفينس ۾ اداڪار حرا ماني ۽ سندس ٻارن کان ڦرلٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته اداڪارا جي گاڏي ان جي گهر جي ٻاهران اچي بيهي ٿي جنهن کان پوءِ اداڪاره جو وڏو پٽ گاڏي کان ٻاهر اچي ٿو ۽ گهر جي گهنٽي وڄائيندو آهي.جنهن کان پوءِ اداڪاره جو ٻيو پٽ گاڏي مان ٻاهر ايندو آهي ۽ ان ئي وقت پٺيان کان موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڦورو اداڪارا جي گاڏي وٽ اچي ان کان گن پوائنٽ تي موبائل، روڪ رقم ۽ زيور ڦر ڪري وڃن ٿا. ان کان پوءِ وڊيو ۾ اداڪاره کي به گاڏي کان ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.