ووٽ جي واٽ تي بيٺل مقتل

0
201
ووٽ جي واٽ تي بيٺل مقتل

 جنهن وقت آءُ هي سٽون لکي رهيو آهيان انهي وقت تائين ميڊيا جي خبرن مطابق سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي دوران مختلف ڌرين جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. چونڊ جو عمل جيڪو انسانيت جي مهذب پڻي جي علامت آهي. هڪ اهڙو سرشتو جنهن ۾ انسان پنهنجي شعور جي ذريعي ملندڙ نتيجن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن نمائندن کي منتخب ڪندو‌آهي انهي اعليٰ شعور جي عملي مظاهري جو عڪس سنڌ ۾ وحشي پڻي جي دور جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. سنڌ جي چوڏهن ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي انهي عمل جي دوران ڪشمور کان ٿرپارڪر تائين جهيڙا ٿيا آهن. سياسي جماعتن توڙي فردن جي وچ ۾ ووٽن جي وسيلي هڪ ٻئي کي شڪست ڏيڻ جي بجاءِ لٺين، ڏنڊن ۽ گولين جي ذريعي فتح حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. حڪمران جماعت هجي يا حڪومت کان ٻاهر ويٺل به ڪاجماعت جيڪا پنهنجي علائقي م سگهاري هجي، جنهن به چونڊ جي عمل کي چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي انهي جي نتيجي ۾ ئي جهيڙا ٿيا هوندا. جهيڙن جو سبب ڪير به بنيو هجي پر ذميواري موجوده وقت جي حڪمران جماعت جي ٿي بڻجي ته انهن چونڊن جي عمل دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا! هن وقت تائين جيڪا صورتحال نظر آئي آهي انهي مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي اندر مڪاني چونڊن جي دوران ڪنهن به طرح فاتح بنجڻ  لاءِ هر ممڪن حربا استعمال ڪندي آخري ڏينهن تي پوليس فورس کي به پنهنجي مقصدن لاءِ اتعمال ڪيو. ڪيترن هنڌن تي پوليس خاموش تماشائي بڻيل نظر آئي ته ڪٿي وري سرڪار جي ونگار وهندي مخالفن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف لڳي. پر جتي سوين ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ٻه ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا انهن جي حفاظت لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي.

سموري سنڌ جي اندر هن ڀيري خبر ناهي ته ڪهڙو سبب هو جو قانون نافذ ڪندڙ ادارن به اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي عمل ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کان انڪار ڪندي صرف اها ذميواري کنئي ته هو ڪنهن به هنڌ تي خراب ٿيندڙ صورتحال کي سنڀالڻ جي لاءِ لاڳاپيل اليڪشن آفيسر جي سڏ تي حاضر ٿيندا. خبرون اهي به مليون ته هر ضلعي ۾ امان امان جي لاءِ مقرر ڪيل پوليس فورس ۽ رينجرس گشت به ڪندا رهيا پر انهن کي پنهنجي پيشواراڻين صلاحيتن جي اسعمال ڪرڻ سان ڪا به کڙڪ ڪونه پئي ته ڪٿي ڪير جهيڙي جي لاءِ تيار آهي يا ڪٿي ڪهڙين ڌرين جي وچ ۾ امڪاني جهيڙا ٿي سگهن ٿا. هجڻ ته ايئن گهربو هو ته خفيا خابرو وسيلن جي انهن کي انهن ڳالهين تي پوري نظر رکڻ گهربي هئي ته ڪهڙيون پولنگس حساس آهن جن تي اهڙا گهربل انتظام ڪيا وڃن جو ڪنهن ۾ به اها همٿ پيدا نه ٿئي جو ڪنهن سان اٽڪائي يا جهيڙي سگهي. پر هتي ته عجيب صورتحال نظر آئي سون جي تعداد ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن جي ڀتين تي ماڻهو ايئن چڙهيا بيٺا آهن جهڙو اسڪول ۾ امتحان جي ڪاپي ڪرائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا هجن. جنهن پولنگ اسٽيشن تان پوليس ۱۴۴ جي قلم جي لاڳو هجڻ جي باوجود ايترن ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري سگهڻ جي سگهه نه رکندي هجي اها ڪنهن خونخوار جهيڙي کي روڪڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪري سگهندي؟

لڳي ايئن ٿو ته هن ڀيري هٿ وٺي سنڌ جي اندر انهي طريقي سان چونڊون ڪرايون ويون آهن ته جيئن ماڻهو چونڊ جي عمل مان ويساهه ئي پلي ڇڏين. ٻيو اڄ جن به ڌرين جا هڪ ٻئي سان جهيڙا ٿيا هوندا اهي ڪجهه علائقن ۾ ذاتين برادرين جي جهيڙن ۾ تبديل ٿي مستقل دشمنين جو سبب بڻجي ويندا. اهڙي سنڌ جنهن جو ماڻهو چونڊن جي عمل مان ويساهه کڻي وڃي ۽ قبائلي جهيڙن جي پاداش ۾ تباهي ڏانهن ڌڪجي وڃي. اڄ جي ڏينهن تي سموري سنڌ خاص ڪري اتر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جيڪي جهيڙا ٿيا آهن انهن جا نتيجا سنڌ جي اندر انهي قبائلي نظام کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ هٿي وٺرائيندا. پيپلز پارٽي جنهن جو نعرو منشور مقصد براءِ نام عوامي آهي انهي جي سموري ڪوشش اها آهي ته هر طرح سان عوام هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هجي جو سندن اقتدار کي ڪير لوڏي ئي نه سگهي. سنڌ جي سماجي ترقي هجي يا معاشي انهي ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار ڪو مکيا ڪردار ته ادا نه ڪري سگهي آهي پر گذريل ۱۴ سالن کان سنڌ مجموعي ڍانچي کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ايماندار ۽ باصلاحيت قيادت کي جڏهن ايتري وڏي مدي لاءِ ملڪن جو يا صوبن جو اقتدار ملندو آهي ته اتي جي عوام جي تقدير تبديل ٿي ويندي آهي. ملائيشا ۾ مهاتير مهمند کي ڊگهي مدي تائين اقتدار مليو ته هن ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي معيار زندگي کي ايترو ته بلند ڪري ڇڏيو جو سندس ملڪ جو شمار ايشين ٽائيگرس ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهي کي ڇڏيو دهلي جي سرڪار حاصل ڪندڙ اندر ڪمار ڪيجروال کي ئي ڏسجي جنهن دهلي جي مڪاني حڪومت کان شروعات ڪئي اڄ هندستان جي ڪيترن رياستن ۾ سندس عام آدمي پارٽي جي حڪومت آهي. دهلي جي اندر پيئڻ جي صاف پاڻي نيڪاسي جي نظام صحت ۽ ٽرانسپورٽ کان وٺي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار ايترو ته بلند ٿيڻ شروع ٿيو آهي جو دهلي جو شمار هن وقت دنيا جي عوام دوست شهرن ۾ ٿيڻ لڳو آهي، جتي غريب جي لاءِ تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ سميت ڪيتريون ئي شيون مفت آهن.

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ نه عام آدمي پارٽي بڻجي سگهي نه ئي يونائيٽيڊ ملائيشين پارٽي، پيپلز پارٽي سنڌ جي لاءِ هاڻ هڪ اهڙي پارٽي بڻجي وئي آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي وسيلن جي نيلامي ڪرڻ، سنڌ جي عوام کي محڪوم ۽ محروم بڻائڻ ۽ سنڌ کي معاشي توڙي معاشرتي طور اپاهج بڻائڻ آهي. موجوده مڪاني چونڊن ۾ جنهن طرح پيپلز پارٽي فاتح بنجڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي انهي مان ايئن لڳي رهيو آهي ته سنڌ ڪنهن فسطائي راڄ جي رڃ ۾ ڦاسي پئي آهي. جن به پولنگ اسٽيشنس تي پي پي جي هار يقيني بڻجي وئي اطلاع آهن ته اتي جهيڙا ڪيا ويا. پولنگ اسٽيشنس تي قبضا ڪري ماڻهن کي زخمي ڪرڻ بعد هٿياربندن جي زور تي سمورن نتيجن کي تبديل ڪيو ويو. پولنگ اسٽيشنس تي ماڻهو احتجاج ڪندي نظر آيا. جڏهن انهي قسم جي چونڊن جي عمل کي جمهوريت سڏيو وڃي ۽ دعويٰ ڪئي وڃي ته پي پي جو سنڌ ۾ ڪو الٽرنيٽ ڪونهي ته يقينن ڄاڻو سنڌ ۾ اهڙي الٽرنيٽ جي پيدائش جي گنجائش به نه ٿيڻ گهرجي جيڪو هڪڙي جنجال مان نڪري وري ٻئي ڪنهن جنجهٽ ۾ ڦاسائي وجهي. سنڌ جو شعور يقيني طور پي پي جي انهي چهري کي ڏسي ۽ سمجهي ٿو، جيڪو انهي جي الٽرنيٽ جي مفروضي کي روزي روٽي ته بڻائي ٿو، پر خبر ناهي ته ڇو اهو شعور ڪنهن تبديلي جي تحريڪ نٿو بنجڻ چاهي. سنڌ هاڻي ايندڙ پنجن سالن جي وقت ۾ پيرس ته ڪونه بڻجي سگهندي پر اهو يقين آهي ته اها موهن جي دڙي کان به وڌيڪ تباهه حال کنڊر بڻجي ويندي.ايندڙ پنجن سالن تائين مڪاني حڪومتن جي نالي ۾ سنڌ جي شهرن ڳوٺن وستي واهڻن جي تباهي ٿيندي ۽ جيڪي جهيڙا اڄ ٿيا آهن انهن جا ڊگهي وقت تائين اثر سنڌ ۾ خونن ۽ قتل غارت جي صورت ۾ نظر ايندا رهندا. پرامن سنڌ جي تباهي تي مسڪرائيندڙ پنهنجي فتح تي اڄ جشن ملهائيندو پر کيس خبر ڪونهي ته تاريخ هن جي مٿان ايندڙ وقت ڪهڙيون چٿرون ڪندي!