سنڌ ۾ ٿيل مقامي چونڊن تي هڪ نظر !

0
248
سنڌ ۾ ٿيل مقامي چونڊن تي هڪ نظر !

  چونڊن جي موسم ۾ هر ماڻهو جي زبان تي اها ئي ڳالهه هئي ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي؟! ماحول ڪيئن هوندو؟ پولنگ واري ڏينهن ڇا ٿيندو؟! پُرامن ماڻهو ويچارا انهي ڳڻتي ۾ هئا ته مار ڌاڙ نه ٿئي، جهڳڙا نه ٿين، ماڻهو نه مرن!  پر اهڙي نظام ۾ شفاف چونڊن جو ٿيڻ بس هڪ خواب ئي ٿي سگهي ٿو. جتي صدين کان قبائيلي سردارن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سرمائيدارن پنهنجي سڀني حڪمت عملين، سازشن، اٽڪلن ۽ چالن کي آزمائي آزمائي هن ڌرتي تي پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون آهن، انهن جي سڀني تجربن کي ڪم آڻڻ کانپوءِ هتي شفاف چونڊون ٿيڻ ئي نه ڏيندا آهن! تمام وڏن عهدن کان وٺي هيٺ تائين انهن جي انتظامي زنجير جڙيل آهي. پوليس انهن جي ٻڌي ٻانهي آهي، پولنگ عملو وڏيرن اڳيان هٿ جوڙي بيٺل هوندو آهي! ڪٿي ڪٿي ته وڏيرن جي اوطاقن تي پولنگون لڳل هونديون آهن،عملو ڳوٺن ۾ماني لاءِ پريشان هوندو آهي، پوءِ اها ماني به وڏيرو کارائيندو آهي، ٻيون خدمتون به ڪندو آهي، جنهن وڏيري ۽ سندن ڇاڙتن کي ٻئي ڏينهن پولنگن تي ڌانڌلي ڪرڻي هوندي آهي پوءِ اهي انهن وڏيرن سان جڙيل ٿوري عرصي دوران پيٽ ۾ پڳل سڻڀي ماني وارو ناتو نڀائيندا آهن! اهو ڪارونهوار زماني کان هلندو اچي!

هر طبقو پنهنجي مفادن جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته سندس پلڙو ڀاري هجي، اهو فطري عمل آهي. هتي وڏيرو، جاگيردار توڙي سرمائيدار ننهن چوٽي جو زور لڳائيندو آهي ته اسان جي ساري سدائين چڙهيل هجي ته جيئن انهي نظام ۾ ڦُرلٽ جاري رهي، جنهن ڦُرلٽ ۾ ئي انهن جي عياشين جو جيئندان آهي!

مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت طبقي کي حڪمراني کان پري رکڻ، اهڙي قسم جي خوشي کان اڻڄاڻ رکڻ، اهڙي خواهش کان به پري ۽ وانجهيل رکڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي! دنيا جي گولي تي مسڪين ماڻهن جي حڪمراني واري ڳالهه صفا اڻلڀ هئي، پر جيڪي اهڙي ڳالهه ڪري ۽ عمل ڪيائون انهن هن ڌرتي جي گولي تي رهندڙ ڪجهه قومن ۽ مُروج سماجي نظامن جا پورا ڍانچا ئي بدلائي ڇڏيا! انهن دنيا جي تحريڪن جو ادب هتي اسان وٽ پڻ پهتو. ماڻهن پڙهيو، هتي جي انقلابي دوستن پنهنجي پرچار ذريعي سنڌ جي جهر جهنگ تائين پهچايو. انهن جا اثر پيا آهن، ڪيترائي ماڻهو اصل نظام جي تبديلي واري جدوجهد ۾ لڳل آهن، اياز جي سٽ آهي ته “پرهه پري آ پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏهاگ ڏيندي!” پر وري هڪ ٻيو ڪوي چوي ٿو، “ ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور”، انهي جدوجهد جو پنڌ ته پري آهي پر تيستائين اسان جا استاد چون ٿا ته هي ويڙهه جو هڪ مورچو آهي، دشمن لاءِ صفا ڪورو نه ڇڏڻ کپي!  سنڌ ۾ وچئين طبقي جي ماڻهن ۽ ڪجهه پورهيتن هن واري سنڌ جي مختلف علائقن جي چونڊن ۾ فارم ڀرايا. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته پ پ پ سدائين ايئن چوندي رهي آهي ته، قوم دوست، قومپرست يا ٻيا اسان جا مخالف ڪائونسلري جي سِيٽ به نٿا کٽي سگهن، اها ڳالهه هن واري غلط ثابت ٿي. ڪيترن ئي قوم دوست ۽ آزاد اميدوارن ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ ماڻهن کي چونڊن کان اڳ واري سيٽ ايڊجسٽمينت ۾ پڻ ڪاميابيون مليون آهن! باشعور ماڻهن بلدياتي چونڊن ۾ هن واري وڏيرن کي صفا سولائي سان سيٽون ٻهارڻ ڪونه ڏنيون آهن. هر هنڌ تي جتي به هتي جا حڪمران ويا پئي ته پڇاڻا ٿيا پئي، ڪٿي ڪٿي ته ماڳهين ماڻهن ڀڄائي ڪڍيا.

پولنگ واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ عملي جي لاءِ ڏورانهين ۽ ڪچي وارن علائقن جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست اڻپورو نظر آيو. سوشل ميڊيا تي ونڊ ٿيل ۽ ٻي ميڊيا تي هلندڙ خبرن مطابق عملو جام دير تائين ڪچي وارن علائقن ۾ ڀٽڪندو رهيو. خاص طور صحرائي علائقن، ٿر، ڪاڇي ۽ جابلو علائقن جي عملي جون رڙيون راڄن ٻڌيون. سرڪاري ملازمن جون ڊيوٽيون وڏيرن پنهنجي مرضي مطابق لڳايون جن جي مدد سان انهن کي سافٽ ۽ رڪارڊ جي ڌانڌلي ڪرڻي هئي. هڪڙي سکيا آفيشلي ٿي جيڪا سرڪار طرفان ٻي سکيا وڏيرن جي اوطاقن تي ٿي انهن قسم جا چرچا پولنگن تي ۽ رعيت جي لڪڙتار ذريعي ٻڌڻ ۾ آيا پئي! مُٺ مُٺ سور ساڻ کڻي عملو نيٺ لُڏي وڃي پولنگن تي لٿو!

پولنگ کان اڳ واري ڏينهن آزاد اميدوارن ۽ پ پ مخالف اميدوارن جا چيف ايجنٽ اغوا ٿيا،  آزاد اميدوارن تي  ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا. ماڻهن تي تشدد ٿيو. پوليس جي مدد سان رعيت تي سخت دٻاءُ وڌو ويو. ايتري قدر جو ميڊيا جو ڪردار پڻ ڪٿي ڪٿي وڏيرن، حڪمرانن جي اُڻيل ڄار مان پير ٻاهر ڪڍي نه سگهيو!

اها ڳالهه هر حال ۾ تاريخ جو رڪارڊ بڻجڻ کپي ته پولنگ واري ڏنهن صبح سوير ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جا هٿڪنڊا استعمال ٿيا. ماڻهن سان حڪمران ڌر وڏا جهيڙا ڪيا. وڏيرن پنهنجي پڳڙي بچائڻ لاءِ ڪن ڪن علائقن ۾ رت جي راند کيڏي!  جمهوريت جا پير مضبوط ٿيڻ جي لاءِ ملڪ جي مالڪن جي نيت ئي نظر نٿي اچي. هن ملڪ ۾  غير جمهوري قوتن کي ئي جمهوريت جو دعويداري ڪندي ڏٺو ويو آهي. هتي حڪمراني جا وارا رکيل آهن. عوام ۾ مقبول غير جمهوري قوتون حڪومت ڪنديون آهن وري ٻئي واري عوام ۾ بظاهر مقبول ۽ نام نهاد جمهوريت پسند قوتون ميدان مچائينديون آهن! بس هي مال جو گاڏو آهي ڪڏهن هي ٿا ڌڪن ڪڏهن هُو ٿا ڌڪن! باوجود ان جي هن واري تمام گهڻو وڏيرن کي ڀوڳڻو پيو. پيرين پيادا هن جون جي گرمي ۾ پنڌ ڪرڻا پيا . نياپي تي يا چٺي تي ووٽ وٺندڙ وڏيرا مسڪين هارين اڳيان منٿون ڪندي ڏٺاسين اها به هڪ قسم جي فتح آهي!

هر حال ۾ هي ميدان به اسان وٽ اڪثريت رکندڙ پورهيت ۽ وچئين ڪلاس جي عوام کي ٻڌي ڪري وڌيڪ  بهترين  نموني سان وڙهڻ کپي. تمام وڏو ڏهاڪن جو تجربو رکندڙ وڏيرن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ تمام وڏي محنت ڪرڻي پوندي. تڏهن ئي اسان جي ئي ملڪيت کي اسان جي ترقي لاءِ صحيح استعمال ڪري سگهنداسين! انهن سڀني وسيلن تي آرو ڪري ويٺل حڪمرانن جي سامهون اسان وٽ مضبوط هٿيار هڪ علم آهي ۽ ٻيو انهي علم جي روشني ۾ صحيح واٽ  وٺي عمل ڪرڻ آهي.  علم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن جي صحيح استعمال سان اسين دنيا جي هر ننڍي وڏي فتح پنهنجي حصي ۾ آڻي سگهون ٿا.