اتساهيندڙ ڪردار سان ڪچهري ۽ پرويز مشرف جو تذڪرو!

0
247
ٿر ۾ قتل ٿيل معصوم هرڻن جو نوحو!

حيدرآباد باءِ پاس تي آئون ۽ ڪريم الياس ڪراچي ڏانهن وڃڻ لاءِ مسواڙي ڪار جي انتظار ۾ هئاسون، پندرنهن منٽن کان پوءِ ڪار اچي ڀرسان بيٺي، ڪراچي هلڻ لاءِ اشارو ڏنو ۽ اسان ٻئي ڄڻا پوئين سيٽن تي ويهي رهياسون. ڪار ڊرائيور ۽ اڳيان ويٺل همراهه سان حال احوال شروع ئي ڪونه ٿيا، اڇي ڏاڙهي سان هڪڙو بزرگ اچي اسان سان گڏ ويهي رهيو. چاچو روايتي نج ٻهراڙي جو لڳي رهيو هو، پيرن۾ چمپل ۽ ڪلهي تي ننڍڙي ٽوالئي جو انگوڇو پيل هو. جڏهن ته ڪار ۾ اڳيان ويٺل ٻئي همراهه ذات جا ميمڻ هئا ۽ انهن جو تعلق محمد خان جي ٽنڊي سان آهي۽هنن جو حيدرآباد ۾ گاڏين جو شوروم آهي، اهو اسان منڍ ۾ کانئن پڇي ڇڏيو هو، هو پوءِ صفا ماٺ جي سانت ۾ هليا ويا!

 پوءِ سفري ڪچهري جي شروع ۾ ئي ڪريم سندن ڀرسان ويٺل چاچي کان ان جو تعارف پڇيو، هن وراڻيو ته منهنجو نالو غلام مصطفيٰ آهي،ذات راهوجو آهي،بنيادي طور تي خيرپور ناٿن شاهه جو رهاڪو آهيان ۽ هاڻي 1982ع کان پنهنجي ٻچن سان گڏ ڄامشورو ڦاٽڪ تي رهان پيو. هتي هاڻي پنج ڇهه گهرن تي مشتمل راهوجن جو ويڙهو آهي.

پوءِ چاچي غلام مصطفيٰ راهوجي پنهنجو تعارف ٻڌائي فوري طور تي اسان کان سوال ڪيو ته اوهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان جا آهيو؟ ڪريم پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ مون پنهنجي باري ۾ کيس ٻڌايو. هن ڪريم کان پڇيو ته فقير جادم مڱرئي وارن مان آهيو؟ ڪريم کيس ٻڌايو ته هائو بلڪل، اڃان چاچو ڪجهه پڇڻ وارو ئي هو، اڳ ۾ ڪريم کيس چئي ڇڏيو ته فقير جادم هن جهان مان موڪلائي ويو آهي! اهو ٻڌنڌي چاچي جي واتان آهه نڪري ويو، ايئن ٿوري دير لاءِ صفا ماٺ ٿي ويو، ڄڻ ڪو جهٽڪو لڳو هجي!

ڪريم چاچي کان زندگي ۾ خوش رهڻ جو نسخو پڇيو ته هن وراڻيو“جيڪڏهن زندگي ۾ هميشه خوش رهڻ چاهيو ٿا،ته ٻين کي معاف ڪري ڇڏيندا ڪريو، پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به بخش نه ڪندا ڪريو” ايئن ئي اسان جي ڪچهري وڌيڪ interactive ٿيندي ويئي ۽ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه جون ڳنڍيون کلنديون ويون. ان دوران الله پاڪ جي حبيب نور مجسم صلي الله عليه وآليه وسلم جي حيات طيبه جو ذڪر ڪيو ته سندن نيڻ ٽمڻ لڳا، پنبڻيون پسي ويون، ايئن ڄڻ درد جي عميق درياءَ جا بند ٽٽي پيا هجن!! هن پنهنجي پاڻ تي ضبط رکندي ڪار جي دري ۾ ڏسڻ لڳو! ٿوري دير ۾ اسان ڏانهن منهن ڦيريندي بس ايترو چيائون ته حضور پاڪ جن جو ڪهڙو اسان ذڪر ڪريون، الله جي ذات سندن ذڪر قرآن ۾ ڪري ڇڏيو آهي. حبيب خدا جي سيرت پاڪ زندگي گذارڻ جو بهترين ضابطه اخلاق آهي. ڪراچي ڏانهن تيز ڊوڙندڙ ڪار سفر کي کائي رهي هئي، ۽ چاچي جي گفتار عشق مصطفيٰ جو اظهار هئي، انهي گفتار اسان جي روح کي معطر پئي ڪيو.

ڪچهري ۾ چاچي ٻڌايو ته هن جي روحاني واٽ مرشدنا سيد عبدالقادر شاهه جيلاني واري آهي،عبدالڪريم ٻير وارن بزرگن سان به روحاني نسبت آهي،هو قادري سلسلي سان سلهاڙيل آهي.

سفري ڊوڙ ۾  ڪار نوري آباد پهتي هئي، چاچو پنهنجي ذاتي زندگي جي گذريل پلن جي ڍيري کولڻ لڳو ۽ ڪچهري ۾ اسان جي دلچسپي جيئن جو تيئن وڌندي پئي ويئي. چاچي ٻڌايو“منهنجي هن وقت 82 سالن جي ڄمار آهي، جيتوڻيڪ منهنجي جسماني ۽ ذهني تندرستي مان ايتري ڄمار نه ٿي لڳي” هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “مون کي رات جو ٻه وڳي کانپوءِ ننڍ ناهي ايندي، فجر جي نماز پڙهي، تلاوت ڪندو آهيان، ساجهر مهل لسي جي گلاس سان هڪڙو خشڪ لولو، منجهند جو کاڌي ۾ جيڪي ڪجهه ملي ويو،اهو شڪر ڪري کائي وٺندو آهيان،رات واري ماني ۾ گلاس کير سان هڪڙو لولو کائي سومهڻي نماز کانپوءِ فوري طور تي سمهي پوندو آهيان، اهو سالن کان وٺي منهنجو زندگي جو مزاج ۽ اصول آهي، تنهنڪري صحتمند آهيان”

ڪچهري دوران چاچي ٻڌايو ته هن تعليم کاتي ۾ ماستري جي منصب تي رهي مختلف اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهايو، آفيسري به ڪئي، ايئن اڳتي هلي هو تعليم کاتي ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولمينٽ کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائيڪٽر ٿي ويو ۽ انهي پوسٽ تي ئي ريٽائرڊ ڪيو. اڳتي هلي ايم فل ڪرڻ کانپوءِ چاچي پي ايڇ ڊي به ڪئي.

اسان بحريه ٽائون کي ڪراس پئي ڪيو، موسم خوشگوار ٿيندو پئي ويو ۽ ڪڪرن آسمان کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو هو. اهڙي موسم ۾ چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته هن پنهنجي حياتي ۾ ڪيئي سور سٺا، مشڪلاتن کي منهن ڏنو، جيئڻ جا وس ڪيا، هن ڏکين حالتن ۾ فيصلو ڪيو هئائين ته هر حال ۾ پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوشان رهندس پوءِ اهو سوچي پنهنجي ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لڳس. مون ڪڏهن به نياڻين ۽ ڇوڪرن ۾ فرق نه رکيو، نه پٽن کي ڌيئرن تي فوقيت نه ڏنم، سڀئي ٻار پي ايڇ ڊي هولڊرس آهن.

چاچي جڏهن پنهنجي پٽ عامر جو ذڪر شروع ڪيوته هن جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا، ڳوڙها اگهندي ٻڌايو ته منهنجي وڏي پٽ عامر ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪئي، ايم فل به ڪئي، اسڪالرشپ تي هو ٻن سالن جي لاءِ آمريڪا ويو اتي هو وقت کان اڳي 19 مهينن ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري واپس موٽيو جڏهن هو واپس گهر آيو، آمريڪن يونيورسٽي سندن ڪيل پي ايڇ ڊي پيپرس قبول ڪندي آڪٽوبر 2020ع ۾ کيس ڊاڪٽريٽ ڊگري ايوارڊ ڪئي، ان جي تيرهين ڏينهن تي عامر کي دل جي تڪليف ٿي، هو موڪلائي هليو ويو!!! بس اڃان ڳالهه ختم ئي ڪونه ڪئي، هو هڪڙي ڏک جي گهري سمنڊ ۾ ٻڏي ويو هو!  پيءَ پنهنجي پنجويهه سالن جي انهي نوجوان پٽ جو جنازو پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو، جنهن جي خوابن جي ساڀيان ٿيڻ اڃان باقي هئي، پي ايڇ ڊي جي سند هٿن ۾ پڪڙي نه سگهيو هو جن هٿن جي آڱرين سان ويهن سالن تائين لکندو رهيو هو، زندگي جي اڙانگن پنڌن چاچي غلام مصطفي کي نه ٿڪايو هو، هن جي پٽ جي وڇوڙي سندس اندر کي جهوري ڇڏيو آهي !!!؟

چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي وڌيڪ ٻڌايو ته هن جا سڀئي ٻار ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ هئڻ سبب تعليم جي حاصلات ۾ نمايان رهيا. هن جي ٻئي پٽ پنهنجي تعليم پوري ڪري ڪميشن امتحان ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي اڪائونٽ آڊٽ سيڪشن ۾ اڪائونٽنٽ آفيسر آهي، ٽئين پٽ به يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ آهي.

چاچي پنهنجي نياڻين کي پڙهايو لکايو ۽ هن سفر دوران ٻڌايو ته هن جون ٻئي نياڻيون به تعليم يافته آهن، ٻنهي B.ED ۽ M.ED  ڪيو آهي، انهن مان هڪڙي اسلامڪ اسٽيڊيز ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ سرڪاري نوڪري به ڪري پئي. ٻي نياڻي انگريزي شعبي مان ماسٽرس ڪئي، سال ۾ ئي قرآن پاڪ جو حفظ مڪمل ڪيائون. هن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي به ڪئي. ايئن ننڍي نياڻي به ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري حاصل ڪيائين.

 اڃان چاچي پنهنجي ذاتي زندگي ۽ پنهنجي اولاد جي تعليمي ڪاميابين جو تذڪرو پورو مس ڪيو هو ته هن جڏهن اها ڳالهه ٻڌائي  “انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ آرٽيڪل به لکندو رهيو آهي” ته مونکي حيرت ٿي ۽ هن پراڻي ساروڻي ساريندي ٻڌايو “ملڪ جي اڳوڻي ريٽائرڊ جنرل صدر پرويز مشرف ڄامشوري ۾ سنڌين کي  نااهل سڏيو هو، جنهن جي خلاف سنڌ ۾ وڏو غصو پيدا ٿيو هو. انهي وقت مون انگريزي اخبار ڊان ۾ آرٽيڪل لکي پرويز مشرف کي مخاطب ٿي کيس روبرو مناظري جو چئلينج ڏنو هو، ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي پريزيڊنٽ هائوس اسلام آباد گهرايو ويو، مون ٻه جوڙا ڪپڙن جا کنيا ۽ ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي روانو ٿي ويس، اتي پهتس ۽ مونکي تڏهوڪي پي ايس ليفٽيننٽ  راشد قريشي ڀليڪار ڏني ۽ وٺي وڃي مهمان لائونج ۾ ڇڏيائون جتي آئون فريش ٿيس، ان کانپوءِ منهنجي اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪرائي، منهنجي ڪرسي بلڪل سامهون رکيل هئي، راشد قريشي صدر پرويز مشرف جي ڀرسان پر ٿورو پوئتي ڪرسي تي ويٺل هو، ان وقت ٽي چار ٻيا به ڪي اتي ويٺل هئا، مون کي انهن جي عهدن بابت ڄاڻ نه هئي. مون کان پڇيو ويو ته اهو انگريزي ۾ آرٽيڪل اوهان لکيو آهي، مون چيو ها بلڪل مون لکيو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان سنڌين کي نااهل سڏڻ جي حوالي سان تفصيلي گفتگو ٿي،ان ۾ پنهنجي لکيل مضمون جو ريفرنس ڏئي ٻڌايم ته سنڌي باصلاحيت قوم آهي،  آخر ۾ مون سنڌين جي انهي ڏنل بيان تي سخت غصي بابت آگاهه ڪيو”

جڏهن موٽيس پئي ته اڳوڻي صدر کي مخاطب ٿي چيم ته هتي اچڻ لاءِ مون پنهنجو وقت سيڙايو آهي ۽ ڪرايي ڀاڙي ۾ پئسا خرچ ڪيا آهن، منهنجو ڪرايو مون کي ڏيو ۽ مان واپس هليو ويندس. راشد قريشي مون کي اسلام آباد ۾ وٽن ٽڪڻ جي دعوت ڏني، اها مون قبول ڪئي، ٻئي ڏينهن روانگي مهل پنج لک ڪيش مون ڏانهن اڳتي وڌايا ته مون وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ پنهنجي کيسي مان ڏهه هزار روپيا ڪڍي ڏيکاريا ته هي مون وٽ پنهنجو ڪرايو آهي،پوءِ به قريشي صاحب زور ڀرڻ لڳو، ته مون کيس چيو ته جيڪڏهن گهڻو زور ٿا ڀريو ته پنهنجي کيسي مان هڪ هزار روپيا ڏيو. هن مون کي هڪ هزار ڏنا ۽ هن ريل گاڏي جو بزنيس ڪلاس ۾ سيٽ بوڪ ڪرائي ڏني ۽  آئون واپس گهر موٽي آيس.

چاچي جي سيني ۾ سانڍيل ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون تحرير جون منتظر آهن، ڪچهري ۾ ساڻن اڃان وڌيڪ ڪچهري ڪريون ها، ليڪن الاآصف اسڪوائر تي ڪار بيهجي ويئي، اڳيان ويٺلن چيو ته هتان اسان ٻئي طرف وينداسون، اوهان هتي لهي پئو. اوهان کي لاهڻ لاءِ دل صفا نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته اوهان جي ڪچهري ڏاڍي دلچسپ لڳي. اسان ٽيئي ڄڻا ڪار مان هيٺ لهي، هڪٻئي کي رابطي جا نمبر ڏنا ۽ پوءِ ڀاڪر ڀري انهي واعدي سان موڪلايو سون ته وري پاڻ ضرور ملنداسون.

[email protected]