اهم زرعي ۽ صنعتي وکر: انب

0
80
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

  انب کي ميون جو بادشاهه  ته سڏين ئي ٿا پر جيڪڏهن ڪو انب کي جنت جو ميوو چئي ته اهو به غلط نه ٿيندو. هي گرمين جو خاص تحفو آهي. جيڪو ننڍي وڏي سڀ کي وڻي ٿو. دنيا جا سڀ کان ڀلا ۽ سوادي انب سنڌ سميت ننڍي کنڊ يعني پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ٿين.

   انب قلمي ۽ تخمي ٻن قمسن جا ٿيندا آهن. ڪچي انب کي يا اهڙو انب جنهن ۾ جيستائين ککڙو پيدا نٿو ٿئي ان کي انبڙي به چون. انبڙي نه صرف ڪچي ۽ رکي کائي سگھبي آهي پر انبڙين مان مختلف قسم جا آچار ۽ مٺايون به تيار ڪيون وينديون آهن.

ان کان سواءِ انبڙيون يا ڪچو انب خاص ڪري ٻارڙيون گھڻي شوق سان کائين. جڏهن ته ان جو استعمال ٻوڙن ۽ ڀاڄين ۾ به خوب ٿئي ته وري جتي هن جو الڳ آچار ٺاهيو ٿو وڃي اتي ٻئي ڪنهن به آچر ۾ ان جي شموليت ان جي ساءُ ۽ سواد ۾ اضافو ڪري ٿي ڇڏي. انبڙي جو مربو ته ٻارن جو پسنديده کاڄ ٿئي.

تخمي انب کي چوسڻ ۽ قلمي کي وڍي ڦارون ڪري کائڻ پسند ڪيو ويندو آهي.

انب بلاشڪ دنيا جو سڀن کان وڌيڪ لذيذ ميوو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ان کي ميون جو بادشاهه به سڏين.

اهو ميوو نه صرف تمام گھڻو سوادي آهي پر اهو غذائيت سان به ڀرپور آهي. انب ۾ ڪاربوهائڊريٽس (نشاستا) ۽ ڪارائتا سڻڀ وڏي مقدار ۾ ٿين ٿا. ان ۾ وٽامن اَي، سي، ڪئلشيم، فولاد ۽ پوٽاشئم توڙي گلوڪوز به وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن. انبن ۾ موجود ڪئلشيم خاص ڪري هڏين لاءِ تمام گھڻي مفيد آهي.

انب جسماني ڪمزوري کي ختم ڪري ٿو. رت پيدا ڪري ٿو. ڪمزور بت کي سگھارو بنائي ٿو. انب جگر، دل، دماغ ۽ مشڪن کي گرمي کان بچائي ٿو. ڪمزور ٻارن کي خاص طور انب کارائڻ گھرجن، جو اهي سندس جسماني واڌ ويجھه توڙي ذهني اوسر جو اهم ذريعو آهن.

انب کنگھھ ۽ دم جي مريضن لاءِ به لاڀائتو آهي. جڏهن ته انب جي دماغ کي تقويت ڏيڻ سبب انسان جي حافظي کي به فائدو رسي ٿو ۽ ان جي يادگيري مضبوط ٿئي ٿي. جڏهن ته انب ڊپريشن کان به بچائي ٿو ته وري سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيتن ۾ اضافي جو سبب به بنجي ٿو.

انب ڪئنسر ۽ چمڙي ۽ دل جي بيمارين کان تحفظ فراهم ڪري ٿو. انب ۾ موجود پوٽاشيم بلڊپريشر تي ضابطو ڪري ٿي. گردي جي پٿري ۾ فائديمند آهي.

انب جي استعمال سان جسم ۾ نئون رت ٺهي ٿو، ان جو استعمال ڪوليسٽرول کي گھٽائي ٿو ۽ معمولي شگر ختم ڪري ٿو. جڏهن ته جسم مان زهريلن مادن جي صفائي ۾ به انب جو اهم ڪردار آهي.

يوناني ۽ هندستاني طب موجب انب جو تاثير گرم آهي. کنگهه ۽ ساھه ۾ اهو فائدي وارو آهي. دل، دماغ، جگر، آنڊن ۽ بڪين کي طاقت بخشي ٿو. وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو. رت ۾ اضافو ڪري ٿو. هاضمي کي درست رکي ٿو. مزي جي ڳالهه ته ان سان انساني چمڙي جو رنگ حقيقت ۾ نکري ٿو. جيڪو رنگ گوري ڪرڻ وارين ڪريمن سان رڳو وقتي طور صاف ٿئي ٿو.

انبن جي پوک جيتوڻيڪ زراعت واري شعبي سان واسطو رکي ٿي ۽ انب هڪ روڪ يا نقد آور پوک آهي پر انب هن وقت هڪ اهم صنعتي واپارڪو وکر به آهي. انبن جو نه صرف دنيا ڀر ۾ روانگي واپار ڪيو ويندو آهي پر انبن مان تيار ڪيل مختلف قسم جون شيون جهڙو ته جئم، جيلي ۽ پڪلس وغيره به اسان جي دسترخوان جي سونهن ۽ کاڌن جي سواد ۾ اضافي جو سبب آهن.

انبن جا مختلف قسم آهن: دسهري، چونسو، انوررٽول، لنگڙو فجري، سنڌڙي ۽ مالدا وغيره.

دسهري: هي صورت شڪل ۾ ڊگھو ٿيندو آهي. رنگ پيرو ۽ کل سنهڙي ٿيندي اٿس ۽ ڳر سان چنبڙيل ٿيندي آهي. ڳر گھاٽو پيلو، نرم ۽  سوادي ٿيندو آهي.

سنڌڙي: سنڌڙي آني جهڙو ۽ ڊگھيرڙو ٿيندو آهي. ٻين انبن کان ماپ ۾ به وڏو ٿئي. کل پيري، ترڪڻي سنھي ۽ ڳر سان چنبڙيل هوندي اٿس. ڳر مٺو رسدار ٿئي ٿو. ککڙو ڊگھو ٿلھو اٿس.

چونسو: ڪي قدر ڊگھو، کل ڪجھھ ٿلھي، نرم ۽ پيري ٿيندي آهي. چونسي جو ڳر پيرو ٿيندو آهي جڏهن ان پنهجي هڪ خاص خوشبو به ٿيندي آهي جيڪا ان جي سواد کي سوائي ڪري ڇڏي ٿي. ککڙو ڊگھو ٿيندو آهي جنهن ۾ ريشو گھٽ ٿئي.

 انوروٽول: آني جهڙي نموني جو هي انب نه گھڻو وڏو ٿئي نه ئي ننڍو. ان جي کل ترڪڻي، ساواڻ واري پيري ٿيندي آهي. ڳر بناريشي وارو، ڳاڙھسرو پيلو، سخت، مٺو ۽ رسدا ٿيندو آهي.

 لنگڙو: آني جهڙو هي انب ڪي قدر ڊگھو به ٿيندو آهي. کل ترڪڻي، سنهي ۽ ڳر سان چنبڙيل هوندي اٿس. ڳر ڳاڙھسرو پيرو، نرم ۽ مٺو رسدار هوندو آهي.

فجري: فجري ڳاڙھسري پيري کل وارو ڊگھو انب آهي. هن سواد ۾ سوائي انب ۾ ريشو نالي ماتر ۽ رس تمام گھڻي ٿيندي آهي. جڏهن ته ککڙو ڊگھو، ٿلھو ۽ ريشيدار اٿس.

 مالدا: هي انب ماپ ۾ وڏو ۽ وزن ۾ ڪلو کان ويندي ڏيڍ ڪلو جو به ٿئي. کل سائي اٿس ۽ ڳر پيرو ۽ مٺو اٿس.