مڪاني چونڊن جو پھريون مرحلو: پيپلزپارٽي ڪٿي ڪٿي ڪامياب ٿي؟

0
519
ضلعي ڪائونسلز، 4 ميونسپل ڪارپوريشن

سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي ميدان ماري وئي

ميونسپل ڪميٽي جِي جنرل ميمبرز وارين ڪُل 354مان 240 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، پ پ 186، جي ڊي اي17 سيٽون کٽيون، 16 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ 13 سيٽون کٽي وئي

ٽائون ڪميٽي جِي جنرل ميمبرن وارين ڪُل 694 مان 507 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، پيپلزپارٽي 384 ٻهاري وئي، جِي ڊي اَي 52 سيٽون کٽيون، 46 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي 9 سيٽون مليون

ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي ۽ ضلعه ڪائونسل جي سيٽس تي اڪثر سيٽون پيپلز پارٽي پنهنجي نالي ڪري ورتيون، ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڪُل 16 سيٽن مان 13 سيٽن تي پ پ اُميدوار ڪامياب

جي يو آءِ هڪ ۽ جماعت اسلامي 2 سيٽون کنيون، ڪنڌڪوٽ ضلعه ڪائونسل  جي ڪُل 41 يوسيز مان 40 يوسيز پيپلز پارٽي جي نانءُ، جي يو آءِ جو هڪ اُميدوار ڪامياب، هڪ به آزاد اُميدوار ڪامياب نه ٿيو، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، نواز ليگ ۽ متحده قومي موومينٽ هڪ به سيٽ نه کنئي

عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي ۽ ضلعه ڪائونسل جون اڪثر سيٽون پيپلز پارٽي ٻهاري وئي، عمرڪوٽ ضلعه ڪائونسل جي 42 يوسيز مان 40 تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويو

پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي کي هڪ هڪ سيٽ ملي، عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڪُل 14 سيٽن مان 8 تي پيپلز پارٽي ڪامياب، پي ٽي آءِ 6 سيٽون پنهنجي نانءُ ڪيون

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊ: ميونسپل ڪميٽي جي 354مان 240 سيٽن جا نتيجا اچي ويا: پ پ سوڀاري

مڪاني چونڊ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا