جمهوري ڪلچر کي ڪنو نه ڪريو

0
191
ڍڳو پير پيران...........!!

اڌ سنڌ ۾ ٿيل بلدياتي چونڊون مڪمل طور تي پرتشدد رهيون. ڇو ته جمهوريت جي باب ۾ ڪنهن کي دڙڪو ڏيڻ به تشدد جي دائري ۾ داخل آهي. تشدد جي لاءِ ضروري ناهي ته مخالفن جون ٽنگون ٻانهون ڀڳيون وڃن ۽ ان جي مٿي ۾ ايتريون لٺيون لڳن جو انهن جو رت ڪتا به نه چٽين!

تشدد ته انتظام سان به ٿي سگهي ٿو.

تشدد ته اکين سان به ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڀٽائي ڇو لکي ها؟

“جانب تون زيان، اکين سان ايڏا ڪرين”

پر گذريل ڏينهن واري چونڊن ۾ جيڪو جسماني تشدد ٿيو آهي. جيترو رت وهيو آهي. جهڙي ريت هوائن ۾ گولين جي گندرف جي بوءِ اڏامي آهي. جهڙي ريت ڌرتيءَ جي مٿان ۽ آڪاش جي هيٺان لاش ڪريا آهن. ڇا اهو سڀ ڪجهه جمهوريت جي باب ۾ جائز آهي؟

ڇا جمهوريت جي مغربي بابن اهو چيو هو ته چونڊ کٽڻ جي لاءِ مخالف کي کٽ تي کڻائڻو پوي به ته ان ۾ ويرم نه وجهجي!!؟

ڪاش! اهو ممڪن هجي ها جو آمريڪا جي جمهوري ابي ابراهم لنڪن کي وڏي ڪوٽ واري ٻانهن کان پڪڙي اچجي ها ۽ هن کي هتي اچي، سنڌ جا منظر ڏيکارجن ها ۽ کيس ٻڌائجي ها ته اهو سڀ ڪجهه جمهوريت جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي.

جيڪڏهن اها جمهوريت آهي ته پوءِ آمريت ڇا هوندي آهي؟ جهڙي طرح تشدد لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهو جسماني هجي، تهڙي طرح آمريت لاءِ به اها شرط ناهي ته اها ورديءَ واري هجي. تاريخ ۾ سوين نه پر هزارين آمر پيدا ٿيا آهن، جن جي تن بدن تي ڪا وردي نه هئي پر انهن آمريت جي اتهاس کي انساني خون سان رقم ڪيو. ڇا اوهان چنگيز، هلاڪو، هٽلر ۽ علاءُ الدين خلجين کي ان ڪري آمر نه چوندا جو انهن جي بت تي فوجي وردي نه هئي؟ ڇا اوهان ڪراچيءَ جي قاتل کي جمهوريت پسند اڳواڻ سڏيندا؟ هو جنهن جي هڪ اشاري سان شهر جو شهر شمشان گهاٽ بڻجي ويندو هو. ڊفينس وارا ته تحفظ ۾ هوندا هئا پر اورنگيءَ ۾ ڇا ٿيندو هو؟ ڪورنگيءَ ۾ ڇا ٿيندو هو؟ شهر جي هڪ هڪ چورنگيءَ تي ڇا ٿيندو هو؟

ها! جڏهن متحده عملي طور تي متحد هئي، تڏهن ڪنهن کي همت ٿيندي هئي، لغڙ خلاف ووٽ وجهڻ جي؟ ڇا اسان اهي دور وساري ڇڏيون، جڏهن پولنگ بوٿن تي ٻه ٻه ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ ڪو ووٽر لالو کيت يا ناظم آباد جي پولنگ اسٽيشن جي اندر ايندو هو ته هن کي ڀوائتي مسڪراهٽ سان اهو اطلاع ڏنو ويندو هو ته هن جو ووٽ ڪاسٽ ٿي چڪو آهي. اها پارٽي جيڪا ڪالهه آمريت جو عقاب هئي ۽ اڄ جمهوريت جو بگلو آهي، تنهن پارٽيءَ جهڙي ريت پوري ڪراچيءَ کي يرغمال ڪري رکيو هو، اها ساڳي ڪرت جڏهن سنڌ جي ٻين شهرن ۾ داخل ٿيندي ته جمهوريت جي پروانن کي ڪيتري پريشاني ۽ ڪيتري ڪاوڙ ايندي؟

اهو به تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته چونڊن جو آمريتي ڪلچر جيڪو ڪراچيءَ کان شروع ٿيو، اڄ اهو ڪراچيءَ ۾ موجود ناهي پر اهو گذريل ڏينهن اسان کي سنڌ جي انهن شهرن ۾ نظر آيو، جن شهرن ۾ اسان سوچيو به نه هو ته ڪڏهن اهڙو وقت ايندو جو لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ سنڌ جي اقتداري ڌر بنهه ارهه زورائي ڪندي ۽ اهڙو منظر نظر ايندو جو ڪٿي به قانون ۽ اليڪشن ڪميشن جو وجود ئي نظر نه ايندو. جيڪو ڪجهه به  ٿيندو، اهو انهن جي مرضيءَ سان ٿيندو، جن جي هٿن ۾ هن مهل جمهوري شهيدن جو جهنڊو آهي. جن کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته انهن هر دور ۾ جان جون قربانيون ڏئي جمهوريت جو تحفظ ڪيو آهي.

هن وقت حڪمران ڌر جي مک ڪردارن مان ڪنهن جي گهر ڪنهن جمهوري شهيد جو لاش آيو؟ اهو سوال تمام گهڻو تلخ آهي. پر هڪ ڏينهن تاريخ اهو سوال پوري شدت سان پڇا ڪندي. ڇو ته گذريل ڏينهن سنڌ ۾ بنيادي جمهوريت جي نالي ۾ جهڙي طرح رت جون ناليون وهيون آهن، اهو سڀ ڪجهه ناقابل برداشت ۽ قطعي طور تي قبول ڪرڻ جهڙو ناهي. ڇو ته اهو ڪلچر سنڌ جي سڃاڻ نه رهيو آهي. سنڌ جي سياسي سڃاڻ جو جيڪو حشر نشر ڪيو ويو آهي يا ان جي باري ۾ به ڪا دانهن ڪوڪ ڪري سگهجي ٿي يا ان تي به اسان جي مقدر ۾ هڪ ماٺ هوندي؟ اردوءَ جي هڪ دل جلي شاعر لکيو هو:

“جو چپ رهي گي زبان خنجر

لهو پڪاري گا آستين ڪا”

هن وقت اهو ئي منظر آهي. هن وقت اهو ئي ماحول آهي. هن وقت جتان جتان به خبر آئي آهي، ان ۾ خير ناهي.

۽ اهو سڀ ڪجهه اذيتناڪ آهي. ڇو ته اهو ڪجهه ڀائي گيريءَ جي حوالي سان ٺهيل ڪنهن ڀارتي فلم جا سين نه هئا. اهي ڪنهن اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ شوٽ ٿيندڙ پي ٽي ويءَ جا اهي پلي نه هئا، جن ۾ شهرن کان پري جاگيردارن ۽ انهن جي ظالم واٺن جي وٺ پڪڙ واري ماراماري نه هئي. اها حقيقت هئي. هڪ اهڙي حقيقت جنهن کان ڪوئي انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ڇو ته اهو دور گذري ويو، جڏهن چونڊ سرشتي کي هڪ اڌ ڪيمرا رڪارڊ ڪندي هئي ۽ ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ يا ان کي دوکو ڏيڻ ڪنهن به طرح مشڪل نه هو. جڏهن هن ڀيري سنڌ ۾ چونڊون اهڙي ماحول ۾ ٿيون، جنهن ۾هر هٿ ۾ ڪيمرا هئي. اهي ڪيمرائون جيڪي پوري دنيا ۾ اهي منظر لائيو پيش ڪري رهيون، جن ۾ دنيا ڏسي رهي هئي ته سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ سياسي ڪلچر کي ڪيترو نه لويو ۽ لتاڙيو ويو آهي.

ڇا اها ساڳي سنڌ هئي، جنهن جنرل ضياءَ جي آمريت دوران جمهوريت جي بحاليءَ  جي لاءِ جيل ڀري ڇڏيا هئا. ڇا اها ساڳي سنڌ هئي، جنهن جا جيل ڪڏهن سياسي اسڪول ۽ سياسي ڪاليج بڻجي هلندا هئا. جن جيلن ۾ هر پارٽيءَ جا ميمبر موجود هوندا ۽ انهن جي وچ ۾ بحث مباحثا به ٿيندا هئا پر وڙهڻ ته ماڳ، انهن جي روز مره واري روٽين ۾ به ڪو فرق نه پوندو هو. هڪ طرف پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ عوامي تحريڪ جي ليڊر کي وهنجارڻ لاءِ پاڻي هاريندو هو ۽ ٻئي طرف ڊي ايس ايف جي اڳواڻ لاءِ جي يو آئي جو ليڊر چانهن ٺاهيندو هو.

ان دور ۾ انهن جا پاڻ ۾ ڪي وعدا ڪي وچن هئا. انهن گڏجي سپنا ڏٺا هئا. انهن کي يقين هو ته هو جڏهن ٻاهر نڪرندا، تڏهن چوطرف جمهوريت جي جوت جلندي. انهن خوابن ۽ انهن خيالن جو ڇا ٿيو؟ سنڌ جو ايترو سارو سياسي نقصان ڇو ٿيو؟ امرت ۾ زهر ڪنهن ملايو؟ امرت ۾ زهر انهن اوتيو، جن شراب کي ماکيءَ ۾ تبديل ڪري نه صرف سپريم قانون کي دوکو ڏنو پر اسان کان اهڙي هٿ ناٽ جو داد به طلبيو. اهي ماڻهو ڪير آهن؟ جن سنڌ جي جمهوري خمير کي خراب ڪيو؟

سنڌ جون پنهنجيون سماجي ۽ ثقافتي روايتون آهن. انهن کي سياسي روايتن سان پوروڇوٽ ٿي هلڻو پوندو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ سياسي ڪلچر حقيقي طور تي پنهنجي پختي جڙ نه پڪڙي سگهندو. هي غنڊاگردي، هي بدمعاشي ۽ هي سرڪاري ٽيڪي ارهه زورائي ڪڏهن به گهڻو وقت نه هلي سگهندي. شهر ته پنهنجي فطرت ۾ ڪنهن جا نه هوندا آهن. پر جيڪڏهن ڪراچيءَ جهڙي سرڪش شهر ۾ اهو بدمعاش ڪلچر نه هلي سگهيو ته سنڌ جي انهن شهرن ۾ ڪيئن هلي سگهندو، جن جي مٽيءَ ۾ اڄ به مڪمل طور تي ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ سچل جي ڪافين جو سڳنڌ آهي.

وڏيرن ۽ انهن جي واٺن جي اکين ۾ ڀلي شرم نه رهيو هجي! ڀوتار ڀلي هن ڀونءِ جي قديم ۽ عظيم روايتن جا منڪر ٿي چڪا هجن. ڪرپشن جي ڪن ۾ ڪري تري تائين پهتل فرد ڀلي ڪيتري حد تائين به هيٺ هليا وڃن پر هر ڌرتي ۽ ان تي وسندڙ قوم جي پنهنجو مخصوص مزاج هوندو آهي. اهو مزاج وقتي طور تي دٻجي ته سگهي ٿو پر ان کي دنيا جي ڪا به طاقت ختم ڪري نه ٿي سگهي. سنڌ ۾ جيڪا سهپ ۽ رواداريءَ جي سرهاڻ آهي، ان کي ڪارتوسي گندرف جي ڌپ شڪست ڏئي نه ٿي سگهي. ڇو ته سنڌ ۾ انسان هڪ ٻئي کان اجنبي ناهن. سنڌ ۾ هر ماڻهو، هر ماڻهو سڃاڻي. سنڌ ۾ جيڪو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جو حق نه کائڻ وارو تاريخي رستو آهي، اهو سنڌو درياهه جو رستو آهي. ان تي ڀلي ڪيترائي به قبضا ڪيا وڃن پر جڏهن به سنڌ ۾ سياسي سانوڻ آيو، تڏهن عوامي طاقت هر دهشت کي لوڙهي ويندي. هر بند کي ڀوري ويندي.

ڇا انهن چونڊن جا نتيجا قبول ڪيا ويندا؟ اهي چونڊون جن جا ڪجهه نه پر اهي اڪيچار وڊيو ثبوت موجود آهن، جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي ريت عورتن جي پولنگ اسٽيشنس ۾ وڏيرن جا شودا پٽ بدمعاشيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن؟ ڪهڙي طرح پولنگ کان ٻاهر وارو ماحول ملاکڙي جو ميدان بڻيل آهي؟ جڏهن ته هر ملاکڙي ۽ هر ملهه ۽ هر ڪشتيءَ ۾ هڪ ريفري به هوندو آهي، جيڪو مقابلي جا اصول بيان ڪندو آهي. پر هتي ته ڪو به ڪو نه هو. نه پوليس ۽ نه رينجرز!! ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي ڇتا ٿي رهيا هئا ۽ انهن کي ڪو ڇڏائڻ وارو به نه هو.

اليڪشن ڪميشن کي اڃان ڪيترا ثبوت گهرجن؟ اليڪشن ڪميشن کي اڃان ڪيترا ڦاٽل مٿا، ٽٽل ٽنگون ۽ ڪريل لاش کپن؟ جيڪو ڪجهه گذريل ڏينهن ٿيو، ڇا اهو ڪافي نه هو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن کي اهڙي چونڊ ماحول تي ڪجهه به محسوس نه ٿيندو؟ ڇا چونڊن جا اهڙا انداز به جمهوريت جي نالي ۾ قبول ڪيا ويندا؟ ڇا چونڊون ايئن ٿينديون آهن؟ ڇا اليڪشني ماحول اهڙو هوندو آهي؟ اليڪشن جو ماحول آزاديءَ جي تقاضا ضرور ڪندو آهي پر جڏهن آزادي شيطاني ڇڙواڳيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ته پوءِ امرت زهر بڻجي ويندو آهي. جمهوريت امرت آهي. آمريت زهر آهي. جمهوريت جي شيشيءَ ۾ آمريت جو زهر ڀري خلق کي نه پياريو. ان سان جمهوريت جيئري نه رهي سگهندي. جمهوريت جيڪا گذريل ڏينهن واري چونڊ ۾ تمام گهڻي جهري پئي آهي.