اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران جي چونڊن واري مطالبي ۽ ڳالهين جي مشروط آڇ تي وفاقي وزير رانا ثناءُالله ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب ته چوندو هو ته حڪمرانن سان ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مري وڃان، هاڻي گڏ ويهڻ جون ڪيئن ٿو ڳالهيون ڪري؟هن چيو ته سياسي جماعتون ۽ ماڻهو گڏ ويهندا آهن ته ڊيڊلاڪ ختم ٿيندو آهي ۽ رستا نڪرندا آهن، دعا آهي ته الله تعاليٰ عمران خان کي جلد صحتياب ڪري. رانا ثناءُالله چيو ته وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون، چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون.