اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد رٽائرمينٽ واري درخواست جي ايڇ ڪيو اُماڻي هئي، جتان درخواست بچاءَ وزارت کي اماڻي وئي، بچاءَ واري وزارت درخواست منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن اماڻي هئي، وزيراعظم وقت کان اڳ رٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد عمران خان جي دور ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدن تي به رهي چڪو هو، نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ جي ايڇ ڪيو مان دفاع واري وزارت ڏانهن اماڻيل نالن ۾ جنرل فيض حميد جو نالو به شامل هو. هوڏانهن ڊان اخبار موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار جي جاءِ تي ميجر جنرل احمد شريف کي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.