لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، عمران خان حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي موقعو ڏيون ٿا، اسان سان ويهي ڳالهيون ڪري، چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندس، لاهور ۾ پنجاب جي پارلياماني پارٽي اجلاس سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڄي دنيا چئي رهي آهي اسان ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ناڻي جي پهچ ڪِرڻ شروع ٿي وئي آهي، اسان جي دور ۾ قرض واپس نه ڪرڻ جو خطرو 5 سيڪڙو هو، هاڻ سئو سيڪڙو ٿي ويو آهي، سيڙپڪارن کي انهن تي اعتماد ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ڪو روڊ ميپ ناهي، ڪي پي ڪي وٽ پگهارن لاءِ پيسا ناهن، هن چيو ته ٽيڪس ڪليڪشن ڪِرڻ شروع ٿي وئي آهي، فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي مزدور نٿا ملن، اسان جي دور ۾ 6 سيڪڙو گروٿ هئي، چونڊن ڏانهن نه وينداسين ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، اسيمبليون ٽوڙڻ جي فيصلي پويان پاڪستان آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ ئي پاڪستان جو مفاد آهي، پرويز الاهي يقين ڏياريو آهي جڏهن توهان حڪم ڪندا اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙيون ٿا ته 66 سيڪڙو پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون. اڳوڻي وزيراعظم حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته اسان سان گڏ ويهو، ڳالهيون ڪريو ۽ عام چونڊن جي تاريخ ڏيو يا وري اسان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، توهان کي موقعو ڏئي ٿا سگهون ته اسان سان گڏ ويهو، اسان کي ٻڌايو ته توهان ڇا ٿا چاهيو، اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر اهي چونڊن جو نالو نٿا کڻن، اهي چونڊن کان ڊڄن ٿا. عمران خان چيو ته آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان کي نااهل ڪريو ۽ جيل ۾ وجهو، اسيمبلي ۾ ويهي انهن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن.