ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته سمورن صوبن ۾ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران ڪالهه هتي ڪمشنر آفيس ۾ ڪراچي ۾ برساتن دوران فوت ٿيلن جي وارثن ۾ امدادي رقم ورهائڻ وقت هن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت هن مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ آهن،

هن چيو ته موسمات کاتي سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، اميد آهي ته عوام انهي مرحلي ۾  حڪومت جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪندو.