ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ  ڪراچي شهر جو مينڊيٽ ورهايو ويو، ايم ڪيو ايم گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪري اڳتي وڌي آهي، 2018ع ۾ اسانجو ووٽ بينڪ چورائڻ جي سازش ٿي هئي،

ڪالهه ڪراچي جي اين اي 245 تي رٿيل ننڍي چونڊ جي اليڪشن آفيس جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ڪراچي جا پڙهيل لکيل نوجوان لغڙ تي ٺپو هڻندا، هن چيو ته ڪراچي واسين کي گذريل آدمشماري ۾ ڀت سان لڳايو ويو، هن وقت سينٽرل ۽ اوڀر ضلعن ۾ ماڊل آدمشماري ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اوهانکي نٿو ڳڻيو وڃي ته روڊن تي اچي پنهنجي ڳڻپ ڪرايو،  هن چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جو حقدار ۽ وفادار سمجهيو وڃي،