ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري مان چونڊيل جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد ۽ ٻين تي لياري جي 3 ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران پوليس کي درخواستگذار خلاف ڪارروائي کان روڪي گهرو کاتي جي سيڪريٽري، ڊي آءِ جي ڏکڻ، ايس ايس پي سٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

ڪالهه ايم پي اي عبدالرشيد پاران لياري ۾ احتجاج ڪرڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لياري واسي 30 جولاءِ تي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا، جنهن تان ايم پي اي ر عبدالرشيد ۽ ٻين خلاف لياري جي ٽن ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا