ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر ضلعي جا 12 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار برطرف، ايس ايس پي اوڀر عبدالرحيم شيرازي موجب محڪماجاتي ڪارروائي ڪندي هڪ اي ايس آءِ سميت 11 اهلڪارن کي ڊسمس ڪيو ويو، جڏهن ته 6 انسپيڪٽرن  ۽ 7 سب انسپيڪٽرن کي ميجر پنشمينٽ ڏني وئي، مجموعي طور 33 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ميجر پنشمينٽ ڏني وئي، جڏهن ته 18 اهلڪارن کي مائنر سزائون ڏنيون ويون