اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينئر بيورو ڪريٽس جي ترقين ۽ تبديلين جو امڪان، ڪيترن ئي آفيسرن جي گريڊ 20 ۽ 21 ۾ ترقين جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، سينٽرل سليڪشن بورڊ جي سفارش تي وزيراعظم 300 کان وڌيڪ آفيسرن جي گريڊ 19 کان 20 ۽ گريڊ 20 کان 21 ۾ ترقي جي منظوري ڏيندو، وزيراعظم پاران سفارشون جلد منظور ڪرڻ جو امڪان آهي، ترقين سان گڏ آفيسرن جي وڏي پئماني تي تبديلين جو به امڪان آهي، جڏهن ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ سينٽرل سليڪشن بورڊ جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ آفيسرن جي ترقين جو جائزو ورتو ويو هو، بورڊ 300 کان وڌيڪ آفيسرن جي گريڊ 20 ۽ 21 ۾ ترقين جي سفارش ڪئي هئي.