ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فليٽ ۾ گيس ڀرجڻ سبب ٻارڙي فوت، 4 ٻارڙن ۽ سندن ماءُ جي حالت خراب، اسپتال داخل، محمود آباد جي علائقي اعظم بستي ۾ بخاري ٽاور جي گرائونڊ فلور تي  فيلٽ اندر گيس ڀرجڻ سبب 4 ورهين جي ٻارڙي ريچل فوت ٿي وئي. 4 ٻارن 10 ورهين جي ڪرسٽينا، 5 ورهين جو پيٽرسن، 8 ورهين جو اسرائيل، 9 ورهين جي فرسٽينا ۽ سندن ماءُ جي حالت به خراب ٿي وئي. پوليس موجب گھر ۾ منگهڻ مارڻ لاءِ گوريون رکيون ويون هيون، فليٽ مڪمل بند هو، گھر ڀاتي سمهي رهيا هئا، گوريون ڦاٽڻ سبب فليٽ ۾ گيس ڀرجي وئي، جنهن سبب واقعو پيش آيو.