ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير بي آر ٽي ييلو لائين لاءِ ڄام صادق برج سان گڏ نئين پُل تعمير ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن ۾ اين آءِ ٽي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ييلو لائين بابت اهم اجلاس ٿيو، پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ سفري آسانين واري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته نئين پل جي تعمير جي شروعات جلد کان جلد ٿئي، هن هدايت ڏني ته پل جي تعمير جي دوران حفاظتي اپائن جو خاص خيال رکيو وڃي جيئن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن چيو ته پل جي تعمير جي مدت گهٽ ڪري هڪ کان ڏيڍ سال ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان اجلاس ڪري ڄام صادق برج تي هيوي ٽريفڪ جو متبادل ٽريفڪ پلان جوڙڻ جي پڻ هدايت ڏني. هن چيو ته تعمير ۽ مرمت جي ڪم جي شروعات تي ڄام صادق پل تي هيوي ٽريفڪ تي پابندي لڳائي وڃي. صوبائي وزير چيو ته پل جي تعمير سان گڏ دائود چورنگي ۽ انڊس بس ڊپو جي بائونڊري وال جي ڪم جي پڻ شروعات ڪئي وڃي، بس ڊپو ايليويٽڊ ٺاهيا وڃن.