ايڪتا ڏهاڙي جي آمد کان 2 ڏينهن اڳ ئي سنڌ ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي وئي

0
317

ايڪتا ڏهاڙي جي آمد کان 2 ڏينهن اڳ ئي سنڌ ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي وئي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان جون تقريبون زور شور سان جاري آھن

 4 ڊسمبر تي ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي سِري هيٺ ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، ان حوالي سان سڄي سنڌ ۾ تقريبن جو سلسلو جاري آھي

بدين، ٺٽي، ڀٽ شاهه، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان جون تقريبون ڪوٺايون ويون، کپرو، سڪرنڊ، گلاب لغاري ۽ گپچاڻي ۾ مچ ڪچهريون ٿيون

 هڱورجا ۾ راڳ رنگ جي محفل دوران فنڪارن سر وکيري ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو،  4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو

ايڪتا ڏهاڙي جي لاءِ ٻارڙن به تياريون ڪري ورتيون، لاڙڪاڻي، سکر، سنڌڙي، ميرواهه گورچاڻي، مورو ۽ ٻين اسڪولن ۾ تقريبون  ڪوٺايون ويون، اسڪولي شاگردن طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا

کپرو ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان لاءِ مچ ڪچهري دوران  فنڪارن پاران سرن جي ورکا ڪئي، الغوزي نواز سليم بوزدار ۽ راڳي ديدار علي مري فن جو مظاهرو ڪري  واهه واهه ڪرائي ڇڏي

سڪرنڊ ۾ به مچ ڪچهري دوران سگهڙن ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا، فنڪارن سرن جي ورکا ڪري ۽ گيت ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي