لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي بلاول ڪالوني واسي پرائمري استاد محمد امين ميمڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته بوائز پرائمري اسڪول رحيم ٻگهيو ۾ استاد آهيان، منهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 87 هزار پگهار ايندي آهي، پگهار جو ميسيج موبائل تي اچڻ بعد پگهار ڪڍرائڻ لاءِ نيشنل بئنڪ ويس جتي اي ٽي ايم مان پگهار ڪڍرائڻ دوران اي ٽي ايم مشين جي اسڪرين تي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ جو بئلنس پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو ميسيج ڏسي پريشان ٿيس. خبر ناهي ته ڪنهن ڪمپني يا شخص منهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ منتقل ڪيا آهن جن پئسن سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته رٽائرمينٽ جي ويجهو پهتو آهيان، ڪروڙين روپين جي رقم منهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.