ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائوٿ زون ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ اسمارٽ ڪار متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسمارٽ ڪار پيٽرولنگ ڪندي هاءِ پاورڊ ڪيمرا، تلاش ڊوائيس، ڊجيٽيل ڪميونيڪيشن سسٽم، انٽرنيٽ ۽ باڊي ڪيمرا سميت جديد سهولتن سان ليس هوندي. اهڙو فيصلو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ تجويز جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته سفارشون تيار ڪيون وڃن ته جيئن وڏي وزير کان منظوري وٺي سگھجي. آءِ جي چيو ته ڪنهن به واقعي ۾ ڪرائيم سين يونٽ کي انتهائي ٺوس ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن شاهدين کي محفوظ بڻائي سگھجي، شاهين فورس جي معاملن جي حوالي سان باقاعده ايس او پي تيار ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪيسن جڪي جاچ ۾ گھربل تحقيق، جاچ پڙتال ۽ انٽروگيشن کي اکين ڏٺن شاهدن ۽ واقعاتي شاهدن جي روشني ۾ اهڙي طريقي سان مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن گرفتار جوابدارن کي عدالتن مان سزائون ملي سگھن. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي انويسٽيگيشن فهميده عباسي، ايس ايچ اوز ۽ ايس آءِ اوز کي بهترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ۽ مڇر ڪالوني واقعي تي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل کي به تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا.