ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هئڻ واري معاملي تي لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري نجم شاهه جواب جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام، سنڌ هاءِ ڪورٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي هر حال ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جيڪڏهن مڪاني ادارن واري سيڪريٽري جو جواب نه آيو ته عدالت ڪارروائي جو حڪم ڏيندي، اليڪشن ڪميشن طرفان لا آفيسر عبدالله هنجرا عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 15 جنوري تي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته جواب به جمع ڪرايو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن نامڪمل آهي، ان جي فيصلن جي قانوني حيثيت ناهي، تڪ بندين بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن به غيرقانوني آهي، جنهن وقت نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ان وقت ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا نمائندا موجود نه هئا. جنهن تي عدالت مڪاني ادارن اري کاتي جي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪيو ته هو جواب نه ڏئي سگهيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.