لاھور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم سالن کانپوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار سشميتا سين سان دوستي جي وضاحت پيش ڪئي آھي. وسيم اڪرم ويجھر ۾ ئي ھڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏنو جنھن دوران ميزبان کانئس سشميتا سين جي دوستي بابت سوال ڪيو. ميزبان سوال ڪندي وسيم اڪرم کان پڇا ڪئي تھ ”سشميتا سين جي حوالي سان اسان کي لڳندو ھو تھ ھوءَ ڀاڀي بڻجي ويندي پر ايئن نھ ٿيو، ايئن ڇو؟“. جنھن تي وسيم اڪرم ميزبان کي جواب ڏنو تھ ھڪ تھ اوھان پاڪستانين کي بالي ووڊ جي ڪنھن سائيڪل واري سان بھ ملائي ڇڏجي تھ توھان خوش ٿي ويندا آھيو. ھن وضاحت پيش ڪندي چيو تھ اھڙو ڪوبھ پلان نھ ھو، صرف سٺا دوست ھئاسين ٻيو اسان جي وچ ۾ ڪجھھ بھ نھ ھو.